راولپنڊي(م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر 210 رپين تائين  پهچي ويو آهي، جلد ناڻي وارو وفاقي وزير عوام کي مهانگائي جو چوٿون ٽڪو لڳائڻ وارو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته جيڪڏهن شام 7 وڳي مارڪيٽون بند ڪيون ويون ته دڪاندار به بک مرندا، معاشي تباهي جو سهرو امپورٽڊ حڪومت ڏانهن وڃي ٿو. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته آمريڪي سفير پاڪستان اچي چڪو آهي ۽ چيني سفير واپس هليو ويو آهي، هن وقت ڀارت ۾ مسلمانن جا گهر ڊاٺا پر پيا وڃن ۽ ٻئي طرف امپورٽڊ حڪومت ڀارت سان واپار ڪرڻ وڃي رهي آهي. شيخ رشيد چيو ته جنهن ڏينهن موجوده حڪمرانن جا ڪرپشن وارا ڪيس ختم ٿي ويندا ان ڏينهن اهي اليڪشن ڪرائيندا، هڪ درجن واريون پارٽيون عوام جي نظرن ۾ ڪري پيون آهن ۽ اڪيلو عمران خان عوام جي دلين تي راج ڪري رهيو آهي.