اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سوڪهڙي خلاف عالمي  ڏينهن تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته سوڪهڙي جي اثرن سان منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، موسمي تبديلي، ٻيلن جي واڍي ۽ غير متوقع بارشن جو مسئلو سامهون آهي، ننڍن ڊيمن جي تعمير سميت ٻين قدمن سان سوڪهڙي کان بچي سگهجي ٿو، هن چيو ته ملڪ ۾ ٻيلن جي ايراضي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڻي وسيلن ۾ اضافو ڪري سوڪهڙي کان بچي سگهجي ٿو، وڌيڪ ڊيم تعمير ڪرڻا پوندا.