ماتلي۽ ٽنڊي باگي ۾ اٽو مهانگو، ڪلو 130 رپيا ملڻ لڳو

0
652
ماتلي۽ ٽنڊي باگي ۾ اٽو

ماتلي / ٽنڊوباگو(نمائندن وٽان) ماتلي ۽ ٽنڊي باگي ۾ اٽو مهانگو ٿي ويو آهي، اٽي جو ڪلو 130 رپيا ملڻ لڳو آهي، جنهن ڪري غريب طبقو پريشان ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت طرفان ڪڻڪ جو في مڻ اگھه 4 ھزار رپيا مڻ ۽ اٽي جو في مڻ اگھه  2600 رپيا مقرر ڪرڻ کانپوءِ ٽنڊوباگو جي چڪي ۽ رائيس ملز مالڪن ۽ دڪاندارن پاران اٽو پنهنجي ذاتي گدامن ۾ اسٽور ڪري اٽي جو وڪرو بند ڪري ڇڏيو آهي

جنهن ڪري ٽنڊوباگو شھر ۾ اٽو اڻلڀ ٿي ويو آهي، صرف چند واپاري بليڪ تي اٽو في ڪلو 130 رپيا وڪرو ڪري رھيا آھن. ھتي جي ھزارين ڏيھاڙي تي اٽو وٺندڙ مزدور طبقو سخت پريشان ٿي ويو آهي. ڏھاڙي  مزدوري ڪندڙ اقبال جمالي، سومار ملاح، بلاول پٺاڻ ۽ ٻين ٻڌايو ته شھر جي رائيس ملز ۽ چڪي مالڪن ۽ واپارين وٽ ھزارين مڻ ڪڻڪ ۽ سوين مڻ اٽو موجود آهي، جيڪي ھنن پنهنجي ذاتي گدامن ۾ لڪائي ڇڏيو آهي

Sugar, flour missing from retail shops in Lahore - Pakistan - DAWN.COM

هنن ٻڌايو ته مزدوري ڪري جڏهن شام جو اٽو وٺڻ وڃون ٿا ته واپاري اٽو نٿا ڏين، صرف چند واپاري بليڪ تي اٽو 130 رپيا في ڪلو وڪرو ڪري رھيا آھن. ٻئي پاسي ماتلي ۾ به حڪومت پاران اٽو 64 روپيه وڪرو ڪرڻ واري اعلان کي ماتلي جي پوري تعلقي جي دڪاندارن ۽ چڪين توڙي فلو ملن وارن ھوا ۾ اڏائي ڇڏيو آھي، ٻن ڏينھن حڪومت جي اعلان کانپوء شھري سستي اٽي لاء شھر وڏن ھولسيلر دڪان جا چڪر لڳائيندا رھيا سستو اٽو ڏيڻ کان واپارين انڪار ڪري ڇڏيو

ٻئي طرف ماتلي جي يوٽيليٽي اسٽور تان غيرمعياري ملندڙ اٽو به اڻلڀ ٿي ويو آهي، اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف ماتلي اتحاد ۽ ايس يو پي پاران ٽنڊو غلام روڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي بدين روڊ احتجاج ڪيو رفيق ميمڻ ربڏنو چانگ ۽ شھرين چيو ته غريبن کي حڪومت جيڪڏھن رليف ٿي ڏيئي ته ان تي واپاري ھڪ ھٽي قائم ڪريو ويٺا آھن شھر مان ڪٿان به سستو اٽو نه ٿو ملي ۽ شھري انتظاميان ڪو عمل ٿي ڪرائي پوري ماتلي شھر ۾ اٽو 110 کان 120 روپيه ڪلو وڪامي رھيو آھي

غريب ۽ ڌھاڙيدار مزدور طبقو پريشان آھي واپاري پنھنجي مرضي جا اگھ وٺي رھيا آھن اڳواڻن سنڌ حڪومت ۽ ڊي سي بدين کان مطالبو ڪيو آھي سنڌ حڪومت سستي اٽي واري اعلان ماتلي ۾ يقيني بڻائي شھر مان بيچيني ختم ڪئي وڃي