موسمياتي تبديلين جون تباهيون ۽ سياستدانن جون ترجيحات

0
244
موسمياتي تبديلين جون تباهيون ۽ سياستدانن جون ترجيحات

  پاڪستاني ميڊيا ۾ اها خبر توڻي جي ايتري اهميت واري جڳهه نه والاري سگهي پر دنيا ۾ اها تمام گهڻي اڳڀرائي سمجهي وڃي ٿي.عالمي ماحولياتي اثرن بابت ڪم ڪندڙن ڪارڪنن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ گذريل جمعي واري ڏينهن يعني ڪالهه احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن. اهي مظاهرا جرمني جاپان ۽ نيوزيلينڊ کان ويندي آفريڪي ملڪ ڪانگو تائين احتجاج ٿيا آهن ته دنيا کي اهي امير ملڪ تباهه ڪري رهيا آهن جيڪي صنعتي منافعي جي لالچ ۾ اچي فطرت سان هٿ چراند ڪري رهيا آهن.انهن مظاهرين  پاڪستان ۾ ٿيل برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهين جو خصوصي ذڪر ڪندي چيو ته اهي برساتون بيشڪ آسمان مان پون ٿيون پر اهي رحمت بدران عذاب آمريڪي سرمائيدارن جي لالچ ۽ تيل جي ڪڍ پوڊائپ ڪرڻ سبب بڻجن ٿيون. انهن مظاهرين نعرا به هنيا ته عوام گڏجي پوي ته ان کي ڪو به آمر شڪست نٿو ڏئي سگهي.

ماحولياتي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ نوجوانن جي گروپن پاران اهي مظاهرا دنيا جي  مختلف چار سئو پنجاهه شهرن ۾ ڪيا ويا جن ۾ بدقسمتي سان پاڪستان جا اهي شهر شامل نه هئا جيڪي برساتن يا ٻوڏ کان بچيل آهن. ماحولياتي تحفظ ۽ موسمي تبديلين بابت ڪم ڪندڙ انهن گروپن جي احتجاج جو هن هفتي نيويارڪ ۾ هلندڙ اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي وارن سيشنز تي پڻ اثر پوندو جتي دنيا جا امير ملڪ پڻ شريڪ ٿي رهيا آهن. پاڪستان ۾ پيل تباهه ڪندڙ چوماسي جي برساتن عالمي برادري ۽ عالمي ميڊيا کي حيرت سان گڏ وڏي صدمي ۾ وجهي ڇڏيو آهي ته جنهن موسمي تبديلي جي ڳالهه هو سالن کان ڪندا پئي آيا سا گهڻو پري نه پر اجهو هينئر اچي سندن سامهون بيٺي آهي جنهن جي تباهي کي ڏسڻ لاءِ  عالمي ميڊيا جو ڪو اهڙو ادارو ناهي جيڪو سنڌ ۾ نه پهتو هجي ۽ خود اينجلينا جولي جهڙي عالمي قدآور شخصيت کي پڻ جيڪا بريفنگ ڏني وئي ان موجب کيس پهريان پهريان دادو پهچڻو هو. سنڌ ۾ برساتن جي تباهين کانپوءِ مختلف عالمي ادارن اهڙيون سيٽلائيٽ تصويرون به شيئر ڪيون آهن ته سنڌ ۾ ڪيئن برساتن بعد نيون ڍنڍون پيدا ٿي پيون آهن. سنڌ مان برسات متاثرين ۾ ڦهليل وبائي بيماريون ۽ بي گهر ٿيل خاندانن جون ڪهاڻيون هاڻي دنيا جي ميڊيا جي زينت بڻجي رهيون آهن ۽ مختلف وڊيوز ۾ اهو ڏيکاريو پيو وڃي ته ڪيئن نه جوهي ۽ خيرپورناٿن شاهه جهڙن شهرن جا رهواسي هاڻي ٻيڙين جي پتڻن ذريعي سفر ڪري رهيا آهن. سموري ميڊيا ۽ ملڪن جو فوڪس ماحولياتي تبديلي جي اثرن بعد سنڌ ۾ پيدا ٿيل نئين انساني المئي طرف آهي پر انهن کي حيرت اها به آهي ته پاڪستاني ميڊيا ۽ مخالف ڌر جي هڪ وڏي پارٽي پي ٽي آئي کي انهن معاملن سان ڪو سروڪار ناهي.انهن جو پسنديده موضوع هاڻي انهن تباهين جي باوجود آرمي چيف جي مقرري بڻيل آهي. اهي جلسن مٿان جلسا ڪري عوام کي اهو ٻڌائي رهيا آهن ته نومبر ۾ اها مقرري شهباز شريف جي هٿان ٿي وئي ته وڏو ظلم ٿي ويندو.

انهن جلسن ۾ ڪڏهن به سنڌ جي برسات متاثرين جو ڪنهن ذڪر ناهي ڪيو ته آخر سنڌ کي ان انساني المئي مان ڪيئن ڪڍجي ڪيئن نجات ڏيارجي. اسان برساتي تباهين کي منهن ڏيندي اهو ڏسي رهيا آهيون ته لاهور ۽ اسلام آباد جي سياستدانن کي سنڌ ۾ بي گهر ٿيل لکين ماڻهن جي دربدري جو ڪو ڏک ناهي پر انهن کي اها ڳڻتي کائي رهي آهي ته نومبر ۾ چيف جي مقرري نه ٿي وڃي. ان مقرري کي پهريون ڀيرو اهڙو ته تڪراري بڻايو ويو آهي جو عمران خان جي جلسن ۾ ڪيل تقريرن کي سندس خاص مددگار فواد چوڌري ۽ ٻيا ٻئي ڏينهن تشريح ڪري ٻڌائين ٿا ته عمران خان جو اهو مطلب نه هو. انهن ئي افواهن ۾ گردش ڪندڙ اهي ملاقاتون به شامل آهن جيڪي مبينا طور عمران خان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ڪيون آهن. انهن ملاقاتن جي پي ٽي آئي يا آئي ايس پي آر پاران ته ڪا به ترديد يا تصديق نه ڪئي وئي آهي پر طاقتور ڌرين کي ويجهو رهندڙ صحافي مجيب الرحمان شامي هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ انهن ملاقاتن جي تقديق ڪئي آهي جنهن بعد سليم صافي پڻ تصديقي انداز ۾ ڪالم لکندي دهرايو آهي ته اهي ملاقاتون عمران خان جي اسرار تي صدر عارف علوي جي گهر يعني صدارتي هائوس ۾ ٿيون پر بقول سندس ته اهي بي نتيجا ثابت ٿيون.

انهن ملاقاتن جي حوالي سان سليم صافي اها به دعوا ڪئي آهي ته اهي ملاقاتون ڪرائڻ لاءِ سابق آمريڪي نمائندي زلمي خليل زاد پڻ ڪردار ادا ڪيو پر اهي ملاقاتون بنا نتيجي ختم ٿي ويون آهن جن مان ڪو آسرو نه ملڻ سبب عمران خان جلسن ۾ پنهنجا حملا شديد ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن. عمران خان هاڻي اسلام آباد جو رخ ڪرڻ ۽ پنهنجي حقيقي آزادي مارچ جو فائينل رائونڊ کيڏڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ سندس مک نقطو نئين آرمي چيف جي مقرري ميرٽ تي ڪرائڻ آهي. عمران خان کي جيڪا عوامي مقبوليت هينئر حاصل آهي ان کي ملڪي ڀلي خاطر استعمال ڪرڻ بدران هو صرف ۽ صرف آرمي چيف جي مقرري ڪرائڻ تي مرڪوز ڪري رهيو آهي. سندس ان ڪوشش دوران اها پيشڪش پڻ سامهون آئي آهي ته هاڻوڪي آرمي چيف جي مدي ۾ تيستائين واڌ ڪئي وڃي جيستائين اليڪشن ٿئي ۽ نئون چونڊجي آيل وزيراعظم نئين آرمي چيف جي مقرري ڪري. سندس اهڙي تجويز کي پڻ ادارن رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد سندس جلسن کان ويندي پرڏيهي حامين تائين هاڻي نئين آرمي چيف جي مقرري تي توجهه ڏنل آهي. نيويارڪ ۾ اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي ۾ ويل وزيراعظم شهباز شريف خلاف اتان جي مهانگي ايڊورٽائيزنگ ڪمپني کان شهر ۾ بينر هڻايا ويا ته شهباز شريف چور آهي پر انهن ئي ڪارڪنن جي وسيلن مان دنيا جي امير ملڪن کي اهو نه چيو ويو ته پاڪستان جي سنڌ ۽ بلوچستان وارا صوبا امير ملڪن جي ماحول دشمن پاليسين جو نتيجو بي سبب ڀوڳي رهيا آهن. اهي پنهنجي زندگين ۽ مال متاع ملڪيتن جي صورت ۾ ماحولياتي تبديلي جي سزا ڀوڳي رهيا آهن. پر اهڙا بينر هڻي هو سنڌ ۽ بلوچستان کي اهميت نه پيا ڏيڻ چاهين شايد.

دنيا پاڪستان جي حڪمرانن جي پاليسين ۽ ترجيحات تي حيران اڳ ۾ ئي هئي پر هاڻي اپوزيشن پارٽي جي ترجيحات تي پڻ حيران آهي ته سموري دنيا جنهن پاڪستان سان برسات سبب آيل تباهي تي همدردي ڪرڻ ۽ ڏک ونڊڻ چاهي ٿي ان پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم کي ٻوڏ ستايلن کان وڌيڪ نئين آرمي چيف جي مقرري ستائي رهي آهي.