نئين دهلي(دلچسپ نيوز) ماءُ جي لاش سان ڪيترائي ڏينهن رهندڙ جوابدار گرفتار ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي شهر نئين دهلي ۾ 54 ورهين جي شهري جي ماءُ فوت ٿي وئي، شهري ماءُ جي لاش کي 10 ڏينهن تائين گهر ۾ ئي لڪائي رکي ڇڏيو، گهر جو در لاڳيتو بند رهڻ ۽ شهري جي ٻاهر نه نڪرڻ سبب پاڙي وارن کي شڪ ٿيو ۽ انهن پوليس کي اطلاع ڏنو.پاڙي وارن جي اطلاع تي پوليس پهچي گهر مان لاش وصول ڪيو. پوليس موجب عورت جو لاش گهڻا ڏينهن رکڻ سبب ڳڙي ۽ سڙي چڪو آهي، عورت جي فوت ٿيڻ جا سبب ڳولڻ لاءِ جاچ ڪري رهيا آهيون. ٻئي طرف پاڙي وارن جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل شهري نشي جو عادي آهي ۽ ڪيترن ئي ڏينهن کان بي روزگار هو جنهن سبب سندس دماغي توازن ٺيڪ نه آهي.