ڪيليفورنيا (دلچسپ نيوز) هٿياربند ڦورو کي پيسا ڦرڻ بدران ڏيئڻا پئجي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ 2 ڦورو هڪ ڪار سوار شهري کي ڦري آيا، ڪار سوار جيئن ئي گاڏي مان هيٺ لٿو ته هڪ ڦورو شهري کي جهلي تشدد ڪرڻ لڳوته همراهه اوچتو پلٽوکاڌو۽ شهري ڦڙتي سان هٿياربند کي مٿي کڻي زورسان زمين تي اڇلايو، ٻئي ڦورو ڀڄڻ کي اوليت ڏني جڏهن ته شهري ڪريل ڦورو جي مٿي تان لت رکي کيس دٻايو ته سندس رڙيون نڪري ويون جنهن بعد شهري کيس پڪڙي مٿي اٿاريو، شهري سزا طورپڪڙيل ڦورو جي کيسي مان پيسا ڪڍي کيس ڇڏي ڏنو. شهري جي بهادري سان ڦورو کي پڪڙي زمين تي اڇلائڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنهن کي لکين ماڻهن ڏسي پسند ڪيو.