لياري باڪسنگ ٽرائلز ۾ مُڪ لڳڻ ڪري باڪسر فوت

0
346

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) لياري باڪسنگ جي ٽرائلز ۾ مُڪ لڳڻ ڪري باڪسر فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ ڪراچي جي علائقي لياري ۾ سنڌ باڪسنگ ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ لياري باڪسنگ ٽرائلز ڪرايا ويا، جنهن دوران 19 ورهين جي باڪسر طاهر عليءَ کي زورائتي مڪ لڳي پئي، باڪسر طاهر عليءَ کي ڪنڌ تي زوردار مڪ لڳي،

جنهن ڪري هو فوت ٿي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته فوت ٿي ويل باڪسر طاهر علي 54 ڪلو ڪيٽيگري جو فائيٽر هو پر سندس مقابلو وري 57 ڪلو ڪيٽيگري واري باڪسر سان ڪرايو ويو، جنهن ڪري هي واقعو پيش آيو آهي.

 

خراب سياسي حالتون راندين تي اثر انداز: پاڪ_آسٽريليا وائيٽ بال سيريز لاهور منتقل