لعلورائنڪ (ن پ ا) لعلورائنڪ جي پتوجا پاڙي مان پراسرار نموني لاپتا ٿيل موچڪو ڪم ڪندڙ سڪندر چنو جو پٽ 10ورهين جو ياد حسين چنا جو لاش کڏ مان هٿ آيو آهي. نينگر جي پيءُ سڪندر چنو ۽ چاچي فياض چنو ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته ڪنهن سان دشمني ناهي، ڪنهن شر پسند پٽ کي تشدد ڪري ماري  پاڻي ۾ ڦٽو ڪيو آهي، اسان سان ظلم ٿيو آهي، انصاف ڪيو وڃي، ٻي پاسي نوجوان اتحاد ۽ شهري اتحاد جي سڏ تي پنهل چانڊيو، قاري عبدالسليم ڇٽو، صديق خاصخيلي، راڻو مغيري، امجد خاصخيلي ۽ منصور ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شفاف انڪوائري ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين رسائي مسڪين سان انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته شڪ جي بنياد تي پوليس ٽن ماڻهن هدايت الله بروهي، وسيم بروهي ۽ رضا محمد بروهي کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس ٻڌايو ته وارثن جي شڪ تي گرفتاري ڪئي آهي، جلد ئي سندن چوڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.جڏهن ته وارھ اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد نينگر جو لاش گهر آندو ويو، ته ڪهرام مچي ويو ۽ سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا.هوڏانهن شڪ جي بنياد تي گرفتار جوابدارن جي چاچي ذوالفقار بروهي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسانجا همراھ پورهيت آهن، نينگر جي موت تي ڏک آهي.نينگر جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ تائين اسانجي همراهن کي ڏوهي قرار ڏيڻ ناانصافي آهي، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ٿي ڪجي ته صاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي.