حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سائيٽ واري علائقي ۾ پهاڙي تان اڻڄاتل شخص جو لاش مليو. علائقي واسين لاش ڏسي هوسڙي ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏنو پر هوسڙي پوليس سائيٽ ٿاڻي جي حد ڄاڻائي واقعي واري هنڌ نه پهتي جنهن بعد علائقي واسين سائيٽ ٿاڻي جي پوليس کي آگاهه ڪيو پر سائيٽ ٿاڻي جي پوليس به هوسڙي ٿاڻي جي حد جو جواز ڄاڻائي لاش کڻڻ لاءِ نه پهتي. بعد ۾ هوسڙي ۽ سائيٽ پوليس حدبندي جي تڪرار سبب 6 ڪلاڪن تائين لاش پهاڙي تي پيل رهيو جنهن بعد حدبندي طئي ٿيڻ کانپوءِ سائيٽ پوليس لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو. سائيٽ پوليس جو چوڻ آهي ته لاش 8 کان 10 ڏينهن پراڻو پيو لڳي جنهن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي ۽ کليل علائقي ۾ لاش پيل هئڻ سبب رولو جانورن به سندس ڪيترائي عضوا کائي ڇڏيا آهن. پوليس موجب اڻڄاتل شخص جي سڃاڻپ لاءِ سندس فنگر پرنٽس ڪرائي ڊيٽا نادرا ڏانهن اماڻي وئي آهي جنهن ڪري اهو لاش في الحال مرده خاني ۾ رکرايو ويو آهي.