ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس جو ڪمال، لينڊ گريبرن ( قبضا مافيا) جي سرپرستي جي الزام هيٺ ايس ايچ او سرجاڻي ٽائون حاجي ثناءَ االله کي چارج ڇڏڻ جو  حڪم ڏئي ٻئي ضلعي جي ٿاڻي تي ايس ايچ او مقرر ڪيو ويو. ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب اولهه ضلعي جي ٿاڻي سرجاڻي ٽائون جي ايس ايچ او حاجي ثناءَ الله کي لينڊ گريبرن جي سرپرستي ڪرڻ ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال تان چارج ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. ذريعن موجب ڊپٽي ڪمشنر اولهه طرفان به ايس ايس پي اولهه ۽ ايس ايس پي انويسٽيگيشن اولهه کي هڪ خط لکي ڄاڻايو ويو هو ته ايس ايچ او سرجاڻي حاجي ثناءَ الله،  منشي موسيٰ خان جدون ۽ ٻيا ٽريڊيشنل ڊولپرز  اينڊ بلڊرز جي سي اي او مرزا مسعود، قبضا مافيا جي رفيق، عرفان علي جي سرپرستي ڪري رهيا آهن، مرزا مسعود ۽ ٻيا لينڊ گريبنگ، حددخلين، غيرقانوني ليز، سب ليز ۽ کاتن جي منتقلي توڙي سرڪاري زمينن تي قبضن ۾ ملوث آهن، انهي ڪري سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ذريعن موجب اهڙين شڪايتن بعد ايس ايچ او سرجاڻي ٽائون حاجي ثناءَ الله کان چارج ته ڇڏرائي وئي پر سندس خلاف ڪا قانوني ڪارروائي ڪرڻ بنا کيس سينٽرل ضلعي جي سپرمارڪيٽ ٿاڻي تي ايس ايچ او مقرر ڪيو ويو