سکر (بيورو رپورٽ) شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي ملازم يونين طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري، ملازمن پنجين ڏينهن به يونيورسٽي اندر ريلي ڪڍي ايڊمن بلاڪ اڳيان ڌرڻو هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. اِن موقعي تي يونين اڳواڻ قلندڙ بخش بوزدار  ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته سال 2021 جي رھيل ليو انڪيشمينٽ ڏني وڃي، ڊي پي سي ڪري ميرٽ تي آرڊر ڏنا وڃن، ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ ملازمن جي پگهار حڪومتي اعلان مطابق 25 ھزار پگھار ڏني وڃي ۽ سال 2007ع کان 2009ع تائين ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي فوري طور پڪو ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.