سکر (بيورو رپورٽ) سکر شھر جي مختلف علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ، شھري پريشانين ۾ مبتلا، رهواسين پاران معصوم ٻارڙن سان گڏ ھٿن ۾ ٿانوَ کڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. سکر جي نيوپنڊ، بوسا لائين، قريشي ڳوٺ، نئون ڳوٺ، نمائش گرائونڊ سميت  مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي شديد کوٽ خلاف شھري رستن تي نڪري آيا. اَن موقعي تي شھرين جو چوڻ آھي ته سکر ۾ شديد گرمي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سبب ھو ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آھن. شڪايتن باوجود پاڻي بحران ختم نه ٿي سگهيو آھي. ھنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.