سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي ايسوسيئيٽ پروفيسر طارق حسين ڀٽي ۽ نورحسن چانڊيو جا پروموشن معطل ڪري کين ليڪچرار بڻائي ڇڏيو، عدالت پروموشن بابت وائيس چانسلر شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور رضا محمد ڀٽي جي نگرانيءَ ۾ ٽه رڪني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي. ڪاميٽي ھڪ مھيني اندر جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ مقرر اسسٽنٽ پروفيسر زاهد حسين سهتو طرفان ٻن سرڪاري ادارن ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ايسوسيئيٽ پروفيسر طارق ڀٽي جي مقرري خلاف ڪيس جي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، جنھن دوران شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل احمد ابو پوٽو ۽ ٻيا پيش ٿيا. جسٽس صلاح الدين پنھور رمارڪس ڏيندي چيو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي آهي يا پرائمري اسڪول آهي؟ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي حالت خراب آهي، 12 هزار ۾ رکيل خانگي ماڻهو شاگردن کي ڪيئن پيا پڙهائين، اسان پروفيسر جي پگهار بند ڪنداسين، 12 هزار رپين تي رکيل 100 ماڻهن وارو معاملو ته ڪرمنل ڪيس بڻجي ويندو، ڌاڙيل ته ڌاڙيل آهن پر هي پڙهيا لکيا انهن کان وڌيڪ آهن. ان تي عدالت ۾ موجود وائيس چانسلر موقف اختيار ڪيو ته 12 هزار رپين تي پڙهائڻ لاءِ رکيل عملي جي مون مخالفت ڪئي آهي پر سنڌ يونيورسٽي، سڪرنڊ يونيورسٽي ۽ ٻين يونيورسٽي ۾ به ائين ئي آهي. جسٽس صلاح الدين پنھور رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي سٺو نٿو لڳي ته سيشن جج ۽ رجسٽرار کي شاهه عبدالطيف يونيورسٽيءَ ۾ موڪليون. وائيس چانسلر عدالت کي ٻڌايو ته يونيورسٽيءَ جي ٻه سال اڳ وڌيڪ حالت خراب هئي. يونين به منهنجي لاءِ وڏو مسئلو بڻيل آهن. هتي ايماندار هجڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته مقررين تي ڪا ميرٽ ناهي، هر هڪ بادشاهه لڳو پيو آهي، ڇا يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ نياڻيون محفوظ آهن؟  شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ پڙهائيندڙ پروفيسرن ۽ 12 هزار تي پڙهائيندڙن جو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي. يونيورسٽيءَ جي احاطي ۾ رجسٽرار جي شراب پيئڻ واري تصوير بابت عدالت پڇاڻو ڪيو. ان تي رجسٽرار عدالت کي ٻڌايو ته هي ڦوٽو منهنجو آهي پر مئنيج ڪيو ويو آهي. عدالت رمارڪس ڏنا ته نائلا رند جو موت ٿيو هو ۽ پوليس ان جي موت کي خودڪشي قرار ڏنو هو، يونيورسٽي جي ماحول بابت جي آءِ ٽي پيا جوڙيون. عدالت يونيورسٽين ۾ پروفيسرن جي مقررين جا تفصيل پڻ طلب ڪري ورتا آهن. جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏنا ته پروموشن ۽ ڀرتين جي عمل ۾ خاميون 15 ڏينهن اندر درست ڪري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر پاران سيشن جج خيرپور کي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ مئجسٽريٽ مقرر ڪري گرلز هاسٽل جو دورو ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. عدالت يونيورسٽين ۾ مقررين ۽ پروموشن بابت شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور جي وائيس چانسلر پروفيسر رضا محمد ڀٽي جي سربراھي ۾ ٽه رڪني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، جنھن ۾ اروڙ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر زاهد کنڊ ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي جو وائيس چانسلر خليل ابو پوٽو شامل آھن. عدالت ڪميٽي کي 30 ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 16 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.