ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پيپلزپارٽي ڪي ايم سي جي ميئر لاءِ  گهربل يوسيز جو انگ پورو نه ٿيڻ تان اليڪشن ڪميشن کان 6 يونين ڪائونسلز جا نتيجا روڪرايا، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته اليڪشن ڪميشن جعلسازي کي روڪي ناهي سگھي، مڪاني چونڊن ۾ اصل بدران جعلي بيلٽ پيپر باڪسن ۾ وڌا ويا، سنڌ سرڪار پرزائيڊنگ آفيسرن کي برطرف ڪرڻ جون ڌمڪيون پئي ڏئي، هن چيو ته  اسين پنهنجي ھڪ ووٽ کان به هٿ نه کڻنداسين، هن چيو ته 10 مارچ تائين رهجي ويل يوسيز جا نتيجا ظاھر نه ڪيا ويا ته ڪراچي ۾ وڏي ڌرڻي جو اعلان ڪنداسين.