لطيف جو وڏو پارکُو ،مٺو مهيري

0
477
لطيف جو وڏو پارکُو ،مٺو مهيري

 مٺو مهيري سنڌ جي آسمان تان هڪ گهڙي لاءِ به گُم نه ٿيو ضياءُ جي آدم بُو آدم بُو ڪندڙ مارشلا جي ڏينهن ۾ هن جيل به ڪاٽيو ته قاضيه واهه جي ڪناري بدين جي چوڪ تي هن سر عام ڪوڙا به کاڌا ۽ جڏھن نظرياتي ڀاڄ پئي تڏھن به هن نه گيڙو ويس پاتو نه ئي گهر جهلي ويهي رهيو . هن وستين،  واهڻن ، جهنگن ۽ جهرن ۾ ڌرتي جا ئي گيت پئي ڳاتا ۽ هڪڙي تر جيتري گهڙي لاءِ به انقلاب جو ويساهه هن جي دل ۾ ماٺو نه ٿيو .

                 سدائين جوان مست الست ڳائيندڙ وڄائيندڙ مٺو مهيري زندگي جي آخري گهڙي آپريشن ٿيٽر ۾ به ڳائيندي وڄائيندي ويو هي اُھي ننگ ڌڙنگ ماڻھُو هئا جيڪي خالي هٿين زندگي کي ڀرپور جيئا ۽ پاڻ وٽ موجود سموريون توانايون پوين ڏانهن منتقل ڪندا هليا ويا هي جيڪا اڄ جي سنڌ جنهن ۾ ايرا غيرا نٿُو خيرا مها انقلابي ٿيو پيا هلن ان اظھار جي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ مٺي مهيري جهڙن ماڻھُن ظلم جون ڪاريون راتيون ۽ تتل ڏينهن ڪاٽيا ،صعوبتون سٺيون ، ڪوڙا کاڌا ، ڪڏھن به مايوس نه ٿيا ، سدائين زندگي ۽ اميد جي ڳالھه ڪندا رهيا ۽ جهر جهنگ رلي سدائين ماڻھُن کي اھو يقين ۽ احساس ڏياريندا رهيا ته

زنجير ٽُٽا ڪي ويندا ٽُٽي

انسان ازل کان آجو آ

مٺو مهيري لطيف ايئن پڙھندو هو جو

پڙھي ٿو شاھه ڀٽائي کي

پئي ٿو ساھه ڀٽائي کي

ڪري ٿو راتڙيون روشن

ڪرها ٿو ڪاڪ ڏانهن ڪاهي

رڃن ۾ روح جون رڙيون

سُتو ٿو لوڪ جاڳائي

ڍڪڻ تي پير پوچا ۽،

مَڻيئي کي سؤ معنائون،

ڪري جي ڳالھه مارئي جي،

وطن ڄڻ انگ تي اوڍيل،

وطن ڄڻ وڙھيل پوتي،

وطن سو جونگ جکري جي،

ھجي ڄڻ پڳ جو موتي،

وطن سو واءَ اُتر ۾ پيو،

ھندورو ڄڻ کائي لوڏا،

هو لطيف جي شاعري پڙھندي وجد ۾ اچي ويندو هو ۽ شعر جي ڪيفيت مٿس طاري ٿي ويندي هئي . جڏھن به سامونڊي کي چس وٺي ڳائيندو هو ته بندر تان پڳھه ڇوڙي پنڌ پوندڙ وڻجارا ، انهن جُون رُئندڙ ونيون ، سياري جي ڊگهين راتين جا انتظار ، اتر جي سڻائي واءُ جون دعائون ۽ ڊگهن وڇوڙن جا وڍ فلم جي ڪنهن منظر جيئن اکين اڳيان گذرڻ لڳندا هئا . ايئن محسوس ٿيندو هو جيئن ڪنهن بندر تي بيٺا آھيون ۽ سڄو وهنوار اکين اڳيان پيو ٿئي.

لائيندئي ڪن ، ڳالهيون هلڻ سنديون

آئون جهليندي ڪيترو ، آيل سامونڊين

پڳھه ڇوڙي جن ، وڌا ٻيڙا ٻار ۾

شعر پڙھندي هو ڳالهائي ٻڌائيندو هو ته لطيف جيڪو شعر چيو آھي اهو جملي ۾ هيئن چيو ويو هوندو .

وڻجاري جي ماءُ ، وڻجارو نه پليئين

نهن سس کي چئي پئي “ پنهنجي پُٽ کي سمجهائي نه  ”

ايئن چئي پوءِ وري بيت کي سڄو ڪندو هو

آيو ٻارهين ماھه ، پڻ ٿو وڃڻ وايون ڪري

هو مرشد لطيف جو سُر سامونڊي پڙھندو ويندو هو ۽ ھٿن جي اشارن سان ونجھن جا ور کوليندو ويندو هو ، ويڙھندو ويندو هو ، سڙھه سبندو ويندو هو ، ساڄا ڪندو ويندو هو ، کوها کڻندو ويندو هو . مطلب ته مٺو مهيري ڀٽائي جو رڳو ياد حافظ ڪو نه پر هو ڀٽائي  جي بيتن جي ڪيفيت به هو .

مرشد لطيف جي سُر سسئي جي هي وائي سدائين ايتري سوز سان ڳائيندو هو جو پاڻ به رئندو ويندو هو ته ٻڌندڙ به پيا ڳوڙھا اگهندا ۽ پيئندا هئا .

“ڪرهل پائي لڄُ، ڪوھه نه ويئين اُن سين!”

پڇبو هئس ته مرشد لطيف اتي لڄُ ڇا کي ٿو چئي ته وراڻيندو هو لڄ ان ڪپڙي کي چئبو آھي، جيڪو اُٺ کي پلاڻڻ کان پهريائين، اُن جي پُٺيءَ  تي وجهبو آھي!

سسُئي! کي ٿو چئي ته جڏهن ڏٺُئي ته جت، پنهون کي کڻيو ٿا وڃن، ته تون ان مهل ئي اُٺ جي پُٺيءَ تي اهو ميرو ڪپڙو رکي، سندن پويان ڇو نه ويئين!

ڇوري ندوري،  نه ڪو مائٽ مُنڌ جو

لطيف جي سر سسئي جي بيتن جي تشريح ڪندي جي سسئي تي ڳالهائيندو هو ته رڻ،  رائو،  رُڃ، ڪوھه،  ڪيچي،  ڪرها،  جت،  ڀنڀور،  ننڊ،  ڌوٻي گهاٽ،  پنهون ۽ ڇپون پير ڇنن جي ڪيفيت پنهنجي پوري شدت سان ٻُڌندڙ جي وجود مان به گذرندي ويندي هئي .

سسئي مالڪ سان مخاطب آھي ته مون ان واعدي تان هٿ کنيو . جنهن ۾ تو عاشقن کي قيامت جي ڏينهن ملائڻ جو واعدو ڪيو آھي . مون سان اهو واعدو هينئر هتي پورو ڪر

فردا مُنڌ ڦٽي ڪئي،  نقد کنيو نار

ايڏو ڊگهو انتظار آئون نٿي ڪري سگهان منهنجو سودو هتي روڪڙو ڪر

فردا مون ڦٽي ڪئي،  واعدي ڏي نه ويهان

صبحا سين نه سهان، کوها ميڙيئن کوها ماريئين

بيت پڙھندي وچيان پڇبس “ ادورائي ” معنيٰ ته اها معنيٰ ايئن ٻڌائيندو هو جو ڪنهن تي ڪو ڏُک هوندو هو ته اُھو ڏُک به سهائيندڙ ۽ مٺو مٺو سيڪ بڻجي ويندو هو . مرڪي چوندو هو “ خليل جون ادورايون مٺو نه سهي ته ڪير سهي معنيٰ خليل جون کاريون مٺيون مٺو نه سهي ته ڪير سهي ” ادورائي معنيٰ پنهنجن جون کاريون مٺيون سهڻ  ۽ ان معنيٰ سان  يارن دوستن ڏانهن رهيل ڏُک سيڪجي ويندا هئا .

لطيف پڙھندي جڏھن مارئي تي ايندو هو ته هن جي چهري تي آيل رنگ ۽ سرشاري ڏسڻ وٽان هوندي هُئي . چوندو هو ته لطيف پنهنجن سمورن ڪردارن جون ڪچايون ڦڪايون بيان ڪيون پر مارئي کي ڳائيندي خود لطيف جو انداز ۽ اظھار به عقيدتمندانه ٿي ٿو وڃي . مارئي اهو واحد ڪردار آھي جنهن لاءِ لطيف چوي ٿو ته جي مارئي منهنجي دور ۾ ھجي ها ته آئون جيڪو ڪنهن به درٻار جو سلامي ڪو نه ٿيس پر مارئي لاءِ آئون پنهنجون سڀ روايتون ۽ سڀ آدرش ڇڏي عمر وٽ هلي وڃان ها ۽ مارئي کي ڪنهن به قيمت تي ۽ ڪنهن به شرط تي آزاد ڪرايان ها .

هتي جي هُئي مارئي،  ته لڌم ڪر ڪڻياس

عرداسيون عمر کي،  ويهي هوند وٽانس

ڪي جهليائين ڪي ڇڏيائين، ته پنهنجو انگ آڇيانس

اها سٽ پڙھندي ان جي تشريح ڪندو هو  “ اتي لطيف چئي ٿو مون کي قيد ڪر هن کي ڇڏ، عيوضي ۾ ماڻھُو ڏبو آھي نه ايئن لطيف چئي ٿو آئون مارئي جي عيوض قيد ۾ ويهڻ لاءِ تيار آھيان ”

ڪي جهليائين ڪي ڇڏيائين، پنهنجو انگ آڇيانس

لاهي لوهه لطيف چئي ، هتان هوند هلانس

موکي ملير سامهين ، وٺي هوند وڃانس

رهبر ٿي ريڙھيانس، سونهاري ساڻيهھ ڏي

۽ پوءِ مرڪي مرڪي پيو منظر نگاري ڪندو هو “ لطيف چئي ٿو لوھه يعني ڪڙا لاهي  آزاد ڪرائي آئون پاڻ ھٿ سان وٺي وڃي، ڏيھه پُڄائي شادمانا ڪري پوءِ خيرن سان موٽي اچان ها ”

ڪير لهندم ڪر ، مارو پاڻ اپاريا

الا الا پڇبس اپاريا معنيٰ ته پنهنجي بيان ۾ اپاريئي جي اڪيلائي محسوس ڪرائيندو هو اڪيلو ڌراڙ ھڪڙي وڳي وارو جنهن جو ڪو ٻانهن ٻيلي نه هُجي مهيني ماس وڳو ڌئارڻ لاءِ پنهنجو مال ٻي ڌراڙ کي پارتي چوي اڄ وارو ڏي ۽ پاڻ  گهر ۾ گوڏ ٻڌي ويهي وڳي سُڪڻ جو انتظار ڪري ته ان کي چئبو اپاريو هاڻ بيت پڙھو

ڪير لهندم ڪر ، مارُو پاڻ اپاريا

مرشد لطيف جڏھن مارئي کي ڳائي ٿو ته تمثيلون، ترڪيبون، تشبيهون، اصطلاح، زندگي جا ڏُک سک ، اڪيلايون ۽ مثال سڀ ڌنارن پنهوارن جي زندگين مان کڻي ٿو .

لوءِ وڃي ڪو چو , منهنجي ماروئڙن کي

ڇانگئون ڇڄي ڇيلڙو، جي ڪنين جو هوءِ

صحيح وڙولجي سوءِ ، آئون ڪيئن ويس وسري

اسين اُھي خوشنصيب ماڻھُو آھيون جن مٺي مهيري کان لطيف ٻُڌو . ايئن لڳندو آھي ڄڻ اسان لطيف جي رسالي جون سڀ ڳليون ۽ ڳوٺ گهمي ڏٺا آھن .

هڪڙي ڀيري رفعت عباس،سائين علي دوست، اسحاق سميجو، ڊاڪٽر علم الدين انصاري ۽ آئون ڏاڏي گنگا جتڻ جي قبر جي پيراندي ڇُھڻ بڙ جي ڍوري وياسين . ڏاڏي گنگا جتڻ جنهن لاءِ مرشد لطيف لکيو

کوءِ ماڙيون کوءِ بنگلا ، پکا سندن پن

اُست جا اٺين جي،  مان کي رهي من

جيءُ ۾ جت رهن ، ٻي پروٿڻي پاسي ٿي

مٺو مهيري ۽ موسيٰ جوکيو به اتي آيا مٺي مهيري کان سڄي رات لطيف ٻُڌوسين اکر اکر ۾ سٽ سٽ ۾ ٻڏاسين ترياسين .

لطيف ۽ فاضل راهو مٺي مهيري جو عشق هئا ۽ فاضل جو اولاد ڏوھٽاڻ پوٽاڻ سميت سندس جنازي ۾ شريڪ هو. سندس جنازي ۾ هر مڪتب فڪر جو ماڻھُو انڪري به شريڪ هو جو هو انهن ماڻھُن جي زندگين ۾ سدائين هڪڙي ٽھڪ جيئن موجود رهيو .

ھُو هاري سان گڏ ٻني تي ويٺو هوندو هو،  هوٽل واري جي چُلھه تي بيٺو هوندو هو،  رازو چُڻائي پيو ڪندو ته هي ڀت جي ڀر ۾ بيٺو هوندو هو ، وڏيرا ، ڪامريڊ شاعر وٽس هڪ ئي صف ۾ ويٺا لطيف ٻُڌندا هئا .

 ادا محمد ميمڻ ۽ آئون مٺي مهيري جي جنازي ۾ ايئن آلين اکين سان پهريون دفعو ملياسين جيئن مٺو مهيري ۽ آئون صادق فقير جي جنازي ۾ مليا هئاسين . هڪ هزار ڀيرا ادا محمد سان گڏ سمنڊ اندر ڇاڙ ٻيٽ وڃڻ جا پروگرام ٺھيا ۽ ڊھيا پر قسمت نه ٿي سگهي. دودي چانڊيئي ۽ مون کيس رڪارڊ ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو پر سڀ ڪجهھ اڌورو ڇڏي يار هليو ويو.