سوري ۽ سولي

0
184
سوري ۽ سولي

سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ لوڪ ڏاھپ کي ايڪويھين صديءَ ۾ سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪري نئون جيئدان ڏيڻ جي اشد ضرورت آھي، جيئن لفظن جو غلط العام استعمال ادب ۽ ٻوليءَ جي حوالي طور استعمال ٿيندڙ ڪتابن، رسالن، تحقيقي جريدن، انسائيڪلوپيڊيا ۽ ڊڪشنرين مان خارج ڪري سگهجي.

                 زير بحث ٻه لفظ جيڪي ھڪ دوست فيس بوڪ جي اوطاق تي سوال ڪري رکيا انھن ھڪ بحث جو آغاز ڪيو، ان سڄي ڳالهه ٻولهه کي پڙھندي ڏسندي جڏھن مون پنھنجي شعبي عوامي صحت public health جي حوالي سان انھن لفظن کي ڏٺو ۽ پڙھيو ته مون پنھنجي ذميواري سمجهي ته ان موضوع تي ڪجهه لکجي.

                 مان جيئن ته اڪٽر ڪري بلاگ لکندو آھيان جن ۾ معلومات به ھوندي آھي ته ڪجهه سوالن جي جواب طور حوالا به ھوندا آھن پر انھن ۾ وري نوان سوال به ھوندا آھن جيڪي پڙھندڙ کي پنھنجي شعبي پٽاندڙ وڌيڪ جستجو ڪري پڙھڻ لاءِ راغب ڪندا آھن.

جن لفظن تي اڄ قلم کنيو اھي آھن.

① سوري ۽

② سولي

منھنجي ناقص علم مطابق

سوري (بيماري)

پيٽان تازي رت اچڻ، جنھن کي اکين سان ڏسي سگهجي.  انگريزيءَ ۾ ان کي dysentry چئبو آھي.

Dysentery is bloody diarrhoea, i.e. any diarrhoeal episode in which the loose or watery stools contain visible red blood

انکان سواءِ ھيٺين ٽن بيمارين کي به غلط العام ھڪ بيماري ڪري ورتو ويندو آھي جيڪي بالڪل  مختلف بيماريون آھن. انھن جون علامتون، ڪارڻ ۽ علاج به جدا جدا آھن

① سُوري.  دستن سان گڏ، گونهه جي آخر ۾ تازو رت اچڻ

② پيچش. قبضي، پيٽ ۾ سور يا وڪڙ

③ بواسير . پھريان رت پوءِ ڪاڪوس جو اچڻ

ــــــــ

آن لائين سنڌي لغت مطابق

سوري

سُوري (پيچَ، اسهان، خوني دست)

basically dysentry midwife birth

سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:

سوري

S सूरी s. f.

A pain of the bowels. Animpaling stake. सूरीअ चड़्हणु سُوريءَ چڙهڻُ To impale, hang.

سوري

سِوِرِي جمع سوِريُون (ت)

ث. انَ کي کائيندڙ هڪ ننڍو جيت

ــــــــ

سولي

سُولِي جمع سُولِيُون

ث. [سن. شولم = سوري] سُوري ، ڦاسي ، ڦاهي. مصيبت ، تڪليف.

سولي

سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:

سولي

S सूली s. f.

The gripes, a pain in the stomach or a sickness of that description. An implanting stake. Execution by hanging

ــــــــ

سولي.

موت جي سزا تحت سرڪاري بنديخاني ۾ سوليءَ چڙھڻ.

ــــــــ

شبير شر انباڪس ۾ لکيو:

 درست لفظ سولي آهي. پر اها ڦاهي ناهي. سمن ۽ سومرن جي دور ۾ سولي جي سزا جوابدار کي تختي تي سمهاري جانڊهه نما چڪيءَ ۾ رسو ٻڌو ويندو ۽ان جي آخري سري تي ڪات هوندو ھو. اهو آهستي آستي وهٽ جي گهمرا ڏيڻ سان جوابدار جي ڪنڌ طرف وڌندو رهندو ھو.

اها انتهائي اذيت ناڪ سزا هئي.

ٻيو سولي جو طريقو هو ڊگهو منارو جنهن تي رڳو ويهڻ جي گنجائش هوندي هئي. پوءِ جوابدار ننڊ بک ۽ اڃ کان بيزار ٿي ٽپو ڏيندو هو.

ــــــــ

انھن تي خيالن جي ڏي وٺ دوران ھڪ حوالو اھو آيو ته ڀٽائيءَ اھو لفظ استعمال ڪيو آھي.

سومار کوسي نياپو موڪليو ته لطيف جي بيتن ۾ به لفظ سوري استعمال ٿيو آھي

ـــــ

سُوري آهِه سينگار، اَڳَهِين عاشقن جو؛

مُڙڻ موٽڻ مهڻو، ٿيا نِظاري نِروارُ؛

ڪُسڻَ جو قَرارُ، اصل عاشقن کي

ـــ

انڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙيا کانئِين؟

اسان ڏُکي ڏِيل ۾، تون پيارِئين پيڄَ؟

سُورِي جنِين سيڄَ، مرڻ تنِ مُشاهِدو.

ـــــ

منھنجو نماڻو عرض آھي ته لطيف جو لکيل اسان مان ته ڪنھن ڪونه ڏٺو. اھا اسان جي وڏڙن جي مھرباني آھي جن رڳو ٻڌ سڌ تي انھن لفظن جو سانڌاڻو ٺاھي اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي.

مون کي پڪ آھي ته اوائلي نسخن ۾ اھو لفظ “سولي” ملندو.

مٿيان بيت جي ھيئن لکجي ته گهٽ ۾ گهٽ پيٽان رت ڳاڙيندي سيج ڀڄائي مرندڙ جو تصور ته نه ايندو

ــــ

سُولي آ سينگار، اَڳَهِين عاشقن جو؛

مُڙڻ موٽڻ مهڻو، ٿيا نِظاري نِروارُ؛

ڪُسڻَ جو قَرارُ، اصل عاشقن کي

ــــ

انڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙيا کانئِين

اسان ڏُکئي ڏِيل ۾، تون پيارِئين پيڄَ

سُولِي جنِين سيجَ، مرڻ تِنِ مُشاهِدو.

 ــــ

اھو ڪيئن ممڪن آھي ته ھڪ شاھوڪار ٻوليءَ وارو سماج ھڪڙي پاسي پيٽان رت اچڻ کي “سوري” چوندو ھجي ۽ ٻئين پاسي اھو ساڳو سماج سِرَ ڏيڻ جي رسم کي به “سُوريِ” چئي.

نوٽ: ھيءَ راءِ منھنجي ذاتي معلومات، مشاھدي ۽ ميسر حوالن تي ٻڌل آھي جنھن کي بھتر حوالن سان رد به ڪري سگهجي ٿو ۽ وڌيڪ حوالا گڏ ڪري مضبوط حقيقت طور به سامھون آڻي سگهجي ٿو.

اسان جيستائين ذھن ۾ اڀرندڙ سوالن کي معلومات بدران مروج تاويلن سان دفنائيندا رھنداسين ته شايد قبرستان ڪشادا ٿيندا ويندا جيڪي ڪنھن به سماج جي ڪا صحتمند سڃاڻپ ڪونه ٿيندا آھن. انھن سوالن کي حوالن سان آبياري ڪري نوان باغيچا اڏڻ سان سماج باغ بھار ٿيندو.