ھڪ مغالطو: وڏا خواب ڏسو محنت سان ھر شيءَ ممڪن آھي

0
274
ھڪ مغالطو: وڏا خواب ڏسو محنت سان ھر شيءَ ممڪن آھي

توھان وڏا ٿي ڇا ٿيڻ پسند ڪندؤ ؟

اڪثر ٻارن ۽ ڪچي عمر جي نوجوانن کان سندن والدين، استاد ۽ دوستن پاران اھو سوال الائي ڪيترا دفعا پڇيو ويندو آهي. ھنن کي ٻڌايو ويندوآهي ته  ھر شيءَ ممڪن آھي ۽ ھو جيڪو چاھين ٿي سگھن ٿا.

                 ڪجھه ٻارن جو خواب هوندو آهي ته  ھو مستقبل جا پائليٽ، ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿيندا ڪجھه عبدالستار ايڌي ٿيڻ پسند ڪندا يا ڪجھه وري ٻي ڪا اھم شخصيت يا شعبي جا  ڪچڙا خواب ونڊيندا. والدين، دوست، مٽ مائٽ استاد وغيره سڀ ھنن جي آڏو اھو منتر پڙھندي نظر ايندا وڏا خواب ڏسو پر اھو ڪڏھن به نه ڏسيندا ته ڇا ھو ٻارن جي وڏن خوابن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪجھه ڪرڻ جا اھل به آھن يا نه؟ يا ھن سماجي بيھڪ(جيڪا اڻبرابري تي بيٺل آھي) ۾ ھنن جا وڏا خواب پورا ٿيندا به يا نه ھنن وٽ ڪو به حقيقت پسنداڻو پاسو نه  ھوندو آھي جنھن سان حقيقت جي پرک ڪري سگھن. والدين تي به دٻاءُ ھوندو آھي ته ھنن کي پنھجي ٻارن جا وڏا خواب پورا ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪرڻو آ.

ظاھر آھي انھن مان اڪثر وڏا خواب پورا ناھن ٿيندا ڇاڪاڻ ته اھي وڏا خواب ڪيئن پورا ڪجن انھن لاءِ حڪمت عملي strategic planning نه ھئڻ جي برابر ھوندي آھي ۽ طبقاتي تعليمي نظام ۽ اڻبرابري تي ٻڌل سماجي بيھڪ ھنن جي نام نھاد وڏن خوابن جي آڏو راھه ۾ رڪاوٽ بڻيل ھوندي آھي.

مثال طور: منھنجي ننڍپڻ  جو خواب ھو ته مان پائليٽ ٿيان. جنھن کي پورو ڪرڻ لاءِ مون ڪجھه به نه  ڪيو يا شايد ڪرڻ جو موقعو ئي نه مليو. ان ڪري اھو رڳو ڪورو خواب ئي رھجي ويو.

ان حوالي سان خواب (Dreams) خواھشن(aspirations) کان مختلف ٿين ٿا. خواھش پوري ڪرڻ لاءِ ڪجھه قدم کڻڻا پوندا آھن. جڏھن ته خواب فقط آخري نتيجي تي ڀاڙيندا آھن. اوچتو ننڊ مان جاڳي ڪري عبدالستار ايڌي يا چي گويرا ٿيڻ، بنا اھو سوچڻ جي ته ايڌي يا گويرا ٿيڻ لاءِ اسان کي ڇا ڪرڻو پوندو يا ڪھڙو ڪم ڪرڻو پوندو اھو محض ھڪ خواب ئي آھي. ڪجهھ ٿيڻ جو تعلق ان ڳالھه سان گھٽ آھي ته اسان ڇا سمجهون ٿا ته ٿي سگھون ٿا پر ان ڳالھه سان وڌيڪ آھي ته اسان بنيادي طور ڇا آھيون يا ڪير آھيون ڪھڙي قسم جي زندگي  گذاري رھيا آھيون ۽ ڇا اھو ڪجھه ڪرڻ يا ٿيڻ لاءِ قابل آھيون؟

ھڪ سماجي سائنس جي ننڍڙي شاگرد جي حيثيت اسان کي ڏسڻو پوندو ته آخر سڀ خواب پورا ڇو نه ٿا ٿين؟ ان حوالي سان اسان جو واسطو ھڪ سماجي لقاءُ سان پوي ٿو اھو آھي موقعي جي فراھمي ۾ اڻ برابري inequality of opertunity.  اسان کي ڏسڻو پوندو ته ڇا سماج ۾ نام نھاد وڏا خواب پورا ڪرڻ لاءِ ھر فرد وٽ موقعا ھڪ جھڙا آھن؟ يا اھڙا موقعا آھن جيڪي وڏن خوابن جي ساڀيان جي ساک ڏين.

مثال طور ھڪ امير گھراڻي جي ٻار لاءِ ڊاڪٽر ٿيڻ جي خواب پورو ٿيڻ وڌيڪ سولو آھي بنسبت ھڪ غريب ھاري جي ٻار جي. اسان کي سمجھڻو پوندو ته  طبقي، ذات پات، نسل، رنگ، مذھب، جنس جي بنياد تي موقعن جي فراهمي ۾ اڻ برابري آھي. خاص ڪري تعليم ۾ اڻبرابري ھڪ اھڙو محرڪ آھي جيڪو ٻارن جي سماجي رتبي ۾ ترقي جي آڏو رڪاوٽ آھي. جنھن کي سماجي سائنس ۾ upward social mobility چئجي ٿو.

طبقاتي تعليمي نظام  ۾ ھڪ غريب ۽ اقليتن سان تعلق رکندڙ ٻارن کي گھٽ معيار جي اسڪول ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو جتي نه معياري استاد آھن نه ٻيون سھولتون. انھن اسڪولن مان جڏھن غريب جو ٻار پار پئي ڪاليج پھچي ٿو ته اتي به ساڳيو حال. ھڪ پاسي نجي ڪاليج ٻئي پاسي تباھه حال سرڪاري ڪاليج. وري جڏھن يونيورسٽي جي داخلا جي ڳالھه اچي ٿي ته انھن جي داخلا ٽيسٽ لاءِ ھڪڙا ٻار مھانگن سينٽرن تي تياريون ڪري ٽيسٽ پاس ڪيو وڃن ھڪڙا ٻار وري به معاشي تنگي جي ڪري سينٽرن ۾ تياري ڪرڻ جي قابل نه ٿا ھجن. جيڪڏھن  ڌڪي تي غريب جو ٻار يونيورسٽي پھچي به وڃي اتي به ساڳيو غريب طبقي سان تعلق ھجڻ واري لعنت ھن جي گچي ۾ ھوندي. يونيورسٽي واري ڏاڪي تي به اميرن لاءِ ھائي فائي يونيورسٽيون آھن ته غريب لاءِ سنڌ يونيورسٽيون جھڙيون جڳاڙي يونيورسٽيون. ھاڻي ڏسو ته ھائي فائي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان پڙھي ايندڙ ٻار جا خواب پورا ٿيڻ جا وڌيڪ امڪان ھوندا يا جڳاڙي سرڪاري اسڪولن مان پڙھيل ٻار جا؟ چٽاڀيٽي جي امتحانن سي ايس ايس ۾ به مختلف بيڪ گرائونڊ کان ايندڙ ٻارن کي ساڳئي سيٽ تي ويھاريو وڃي ٿو.

ان سڄي صورتحال کي مدنظر رکندي غريب جي ٻار کي بار بار اھو چوڻ ته وڏا خواب ڏس سڀ ڪجھه ممڪن آھي ڪٿان جي دانشوري آھي؟

ان حوالي سان اسان سمجھون ٿا ته خواب پورو ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ جو دارومدار ان ڳالھه تي آھي ته توھان ڪھڙي طبقي، ذات، رنگ، نسل،جنس يا مذھب سان تعلق رکو ٿا.

پر ڇا اسان جي خوابن جي تشڪيل جو عمل به ھڪ جھڙو ھوندو آھي يا ان ۾ به، ماحول، رنگ، نسل طبقي وغيره جھڙن سماجي محرڪن جو عمل دخل ھوندو آھي.؟

ٻن سماجي ماھر اي ڪيرلو ۽ جينٽ ايم پنھجي گڏيل تحقيق( Future Imaginings: Public and Personal Culture, Social Location, and the Shaping of Dreams.”.) ۾ ثابت ڪيو آھي ته خوابن جي تشڪيل ۾ ماحول، تجربن، ذات رنگ نسل ۽ طبقي جو وڏو عمل دخل ھجي ٿو.

ھو پنھنجي تحقيق ۾ ٻڌائين ٿا ته نوازيل طبقي جا ٻار ان ڳالھه کي ڏسي مستقبل جا خواب اڻين ٿا ته سڀ ڪجھه ٿي سگھي ٿو جڏھن ته محڪوم ۽ مظلوم طبقي سان تعلق رکندڙ ٻار پنھجي اوسي پاسي جي ماحول مطابق پنھجي مستقبل جي خوابن جي تشڪيل ڪري ٿو. جتي سندس ڪامياب ۽ سکي ستابي زندگي حاصلات لاءِ ھزارين رڪاوٽون موجود آھن.مٿين تحقيق ثابت ڪري ٿي ته طبقاتي سماج اندر اسان جون بظاھر ذاتي خواھشون، ۽ خواب به طبقاتي سماجي لاڳاپن جي اثر ھيٺ ھجن ٿا. اھڙي طبقاتي نظام اندر ٻارن کي وڏا خواب ڏيکارڻ، بنا زميني حقيقتن جي آگاھي جي ساڻن زيادتي ئي آھي. ان سڄي پسمنظر کي مد نظر رکندي اھو چئي سگھجي ٿو ته وڏا خواب ڏسو محنت سان سڀ ڪجھه ٿيڻ ممڪن آھي اھو ھن طبقاتي نظام ۾ ھڪ قسم جو مغالطو آھي.