حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ بلديه ملازمن سميت مختلف ڌرين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو. ان ڏس ۾ دادو جي ڳوٺ تاج پور جي رهواسي مسمات وزيران  ۽ مسمات سهڻي پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏجي پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن ٻڌايو ته 30 آڪٽوبر جي شام جو دادو پوليس  اٽالن سان سندن جي گهر ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد عورتن ۽ ٻارڙن سان بدتميزي ڪئي ۽ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏو گڏ گهر ۾ بيٺل 25 ٻڪريون ۽ 5 موٽر سائيڪل به ڪاهي وئي. گرفتار ماڻهن ۾ نظر ۽ گل محمد شامل آهن. هنن چيو ته پوليس 4 موبائيلن ذريعي گهرن تي چڙهائي ڪري وڏي ناانصافي ڪئي. گرفتار ماڻهو بيگناهه آهن ۽ ڪنهن به ڏوهاري سرگرمي ۾ ملوث نه آهن. پوليس کين بنا جواز تنگ ڪري رهي آهي جنهن سبب هو سخت پريشان ٿي ويا آهن. هنن ايس ايس پي دادو سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي. بلديه اعليٰ حيدرآباد جي ڪچن ملازمن اشرف بوذئي، غلام حسين زيدي، اڪبر عنايت، اعجاز شيخ ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته هو گذريل 15 سالن کان اداري ۾ ايمانداري سان ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا رهيا آهن پر هاڻ بنا جواز کين نوڪرين مان بي دخل ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري هو بي روزگار بڻجي ويا آهن هنن چيو ته سمورن ادارن ۾ آئيني طور 5 سالن بعد ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي ٿو پر ايڇ ايم سي عملدارن ساڻن ناانصافي ڪندي بي دخل ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته هو اقليتي آهن ان لاءِ کين سازش تحت  نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوڪري مان نيڪالي ڏنل ڪچن ملازمن کي بحال ڪري انصاف ڪيو وڃي.