نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ۾ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي غلام حسين چانڊيو، دين محمد زرداري، بخشڻ زرداري، سوڀارو زرداري ۽ شبير کوسو چيو ته 3 مھينا گذري ويا آهن پر اڃا تائين سندن ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ناھي ڪيو ويو، هنن چيو ته سندن ٻچا کليل آسمان ھيٺ روڊن تي ويٺل آھن، هنن چيو ته اڳ ئي برسات جو پاڻي ڳوٺ ۾ موجود آهي، مٿان وري سجاول مائينر شاخ کي گھارو لڳو آھي، جنھن ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺن مان پاڻي ڪڍي مسئلو حل ڪيو وڃي.