اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان جي لڙائي ۾ اتحادي حڪومت ڇا پئي ڪري؟

0
149
اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان جي لڙائي ۾ اتحادي حڪومت ڇا پئي ڪري؟

هن وقت رياست پاڪستان پنهنجي تاريخ جي هڪ انتهائي منفرد ۽ سخت بحران واري دور مان گذري رهي آهي. حقيقت ۾ اهو بحران ڪو رات وچ ۾ پيدا ناهي ٿيو. ان بحران جي پنهنجي هڪ ڊگهي ۽ مفصل تاريخ آهي، جنهن کي مجموعي طور تي پاڪستان جي پوري 75 سالن جي تاريخ جو رياستي بحران چئي سگهجي ٿو. جنهن جا مکيه سبب رياستي سطح تي تاريخي صوبن ۽ ان جي قومن سان گهڻ طرفيون تاريخي ناانصافيون، ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني جاءِ تي گهڻو وقت آمريتي راڄ، وفاقي نظام کي مڏو ڪرڻ سان گڏ انڌي منڊي جمهوريت جي به رستا روڪ ڪرڻ، ڪرپشن، بيروزگاري، غربت، دهشتگردي ۽ ان سان گڏ عالمي سطح تي سفارتي ناڪامي ۽ اڪيلائي به اهم سبب آهن. پر گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان اهو بحران ٿلهي ليکي اسٽيبلشمينٽ جي اندر جنرل مشرف جي لابي ۽ نواز شريف جي لابي جي وچ ۾ هلندو پيو اچي. جنهن ۾ تمام تيزي ان وقت نظر آئي جڏهن نواز شريف کي اقامي جي هڪڙي ڪوڙي ۽ بي بنياد ڪيس ۾ وزارت اعظميٰ تان هٽائي گهر ڀيڙو ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ نواز شريف اسٽيبلشمينٽ جي خلاف جيڪو بيانيو بيهاريو تنهن اسٽيبلشمينٽ کي مجبور ڪيو جو ان کي عمران خان مان هٿ ڪڍڻا پيا ۽ نواز ليگ سان ٺاهه ڪري ان کي هڪ اتحاد جي صورت ۾ حڪومت ڏيڻي پئي، پر ان کي ڪهڙي خبر هئي ته اهو هٿيار وري عمران خان کڻي “اسان” جي پويان لڳندو ۽ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيندو. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته عمران خان ان اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانئي کي اهڙي طرح سان کنيو آهي جو تاريخ ۾ پهريون دفعو رياستي ادارن کي بند ڪمرن مان ٻاهر نڪري اچي عمران خان جي اعتراضن ۽ تنقيد جو جواب ڏيڻو پيو. جنهن تي عمران خان ٻين ڪيترين ڳالهين سان گڏ سخت اعتراض اٿاريندي چيو ته جيڪڏهن توهان چئي چڪا آهيو ته توهان غيرسياسي يا نيوٽرل ٿي ويا آهيو ته پوءِ اهڙي سياسي پريس ڪانفرنس ڇو ڪئي؟ ۽ ان کانپوءِ هن پنهنجي اعلانيل لانگ مارچ کي پڻ شروع ڪري ڏنو.

گذريل ستن مهينن کان عمران خان اسٽيبلشمينٽ خلاف ڳالهائيندو پيو اچي ۽ ٻئي پاسي پوري اتحادي حڪومت پنهنجي مڪمل سگهه ۽ قوت سان عمران خان کي جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ان کان ڪم زور ٿيندو پئي ويو. نيٺ گهڻي بحث، غور ويچار ۽ صبر کانپوءِ اداري کي عوام آڏو اچي عمران خان جي تنقيد جو جواب ڏيڻو پيو. ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار کي پريس ڪانفرنس ڪري عمران خان کي جواب ڏيڻا پئجي ويا. جنهن کانپوءِ اها ڳالهه وڌيڪ واضح ٿي وئي ته واقعي اصل جهيڙو عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ آهي، جنهن کي حڪومت ۽ عمران خان جي وچ ۾ اختلافن جو اجايو رنگ ڏنو پئي ويو. ڊي جي آءِ ايس آءِ جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ ايئن ٿو لڳي ته حڪومت وڏي حد تائين سڪون ۾ اچي وئي آهي ۽ وزيراعظم صاحب سعودي عرب جو دورو ڪرڻ کانپوءِ ٻه ڏينهن پهرين چين جي دوري تي نڪري ويو آهي ۽ پاڻ سان گڏ هڪ زبرست وفد پڻ وٺي ويو آهي. هاڻي جنهن وقت عمران خان جو لانگ مارچ اسلام آباد ڏانهن اچي رهيو آهي. ملڪ ۾ مختلف قسم جا افواهه ڦهلجي رهيا آهن، رتو ڇاڻ جا به تمام گهڻا امڪان نظر اچن پيا ۽ عمران خان جي تقريرن ۾ ڏينهون ڏينهن شوخي وڌندي پئي وڃي ۽ هاڻي جڏهن ٻن ڊي جيز جي ڪانفرنس به ٿي چڪي آهي ته اهڙي وقت ۾ وزيراعظم شهاز شريف جو سعودي عرب کانپوءِ وري چين ڏانهن اُسهڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته ملڪ ۾ هلندڙ سياسي ڇڪتاڻ جيڪا هاڻي صفا غيريقيني واري صورتحال ۾ داخل ٿي چڪي آهي، تنهن جو حڪومت کي ڪو فڪر نظر نه پيو اچي ۽ اها تمام گهڻي پرسڪون نظر اچي رهي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اها پنهنجا طئه ٿيل بيروني دورا پئي ڪري. حڪومت پنهنجي اهڙي عمل مان صاف ۽ کلي طرح ٻڌائي رهي آهي ته اصل ۾ اهو جهيڙو اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان جي وچ ۾ آهي، تنهن ڪري اسان ان کان پري آهيون. ان سان گڏ ڪجهه ڏينهن پهرين اسٽيبلشمينٽ جي زور ڀرڻ تي حڪومت عمران خان سان ڳالهيون شروع ڪيون هيون، پر نواز شريف مداخلت ڪري اهي ڳالهيون ختم ڪرائي ڇڏيون. جنهن سان يقينن اسٽيبلشمينٽ ناراض ٿي هوندي.

ان سڄي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي ڇا پئي سوچي. عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ بلاول ڀٽو جيڪو ڳالهايو ۽ چيو تنهن تي سرعام معافي پڻ وٺي چڪو آهي پر تنهن کانپوءِ بلاول ڀٽو جي جيڪا آرمي چيف جنرل جاويد باجوه سان ملاقات ٿي آهي، اها به ڪنهن به طرح خوشگوار نه رهي. تنهن ڪري بلاول ڀٽو وزيراعظم سان گڏ چين روانو ٿي چڪو آهي. پر هيڏانهن آصف زرداري جي ذهن ۾ ضرور ڪا اهڙي کچڻي پچي رهي هوندي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح هن جهيڙي مان فائدو وٺي يا هي هڪ اهڙو موقعو آهي جنهن مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته هُو ڏسي پيو ته هڪڙي پاسي اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان وچ ۾ جهيڙو آهي ته وري ٻئي پاسي حڪومت ٻه قدم پوئتي هٽي اسٽيبلشمينٽ جي ڪا خاص مدد ڪرڻ جي لاءِ تيار نظر نه پئي اچي. يعني هڪڙي پاسي عمران خان پنهنجي ضد تي آهي ته ٻئي پاسي وري حڪومت به ضد تي آهي. ڇو ته نواز ليگ سمجهي ٿي ته انهن حڪومت وٺي وڏي غلطي ڪئي ۽ وري مٿان سخت فيصلا ڪري پنهنجي لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڪجهه وقت پهرين اسٽيبلشمينٽ ڪوشش ڪري حڪومت ۽ عمران خان وچ ۾ ڳالهيون ڪرايون. پر نواز شريف ترت مداخلت ڪري اهي ڳالهيون ختم ڪرائي ڇڏيون. ۽ ٻيو حڪومت بضد آهي ته چونڊون هر حالت ۾ آگسٽ 2023ع کانپوءِ ٿيڻ گهرجن ۽ حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري. تنهن ڪري ان سڄي صورتحال ۾ آصف زرداري پوري ڪوشش ڪندو ته ڪنهن نه ڪنهن طرح اسٽيبلشمينٽ لاءِ ايندڙ حڪومت لاءِ معاملا سيٽ ڪري ۽ ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي کي ڏياري سگهي يا گهٽ ۾ گهٽ بلاول ڀٽو جي لاءِ وزارت اعظميٰ حاصل ڪري سگهي. آصف زرداري ايم ڪيو ايم کان ويندي ق ليگ، مولانا فضل الرحمان، باپ ۽ ٻين سڀني کي پاڻ سان گڏ وٺي هلي سگهي ٿو. پر هتي انهن سڀني کان وڌيڪ اهم ڳالهه پاڪستان جو سخت رياستي بحران آهي، جنهن جو حل نه آصف زرداري وٽ آهي ته نه ئي وري ٻئي ڪنهن وٽ. تنهن ڪري جيڪڏهن آصف زرداري ڪنهن نه ڪنهن طرح ايندڙ حڪومت لاءَ معاملا به سيٽ ڪري ڇڏي ٿو، تڏهن به هن جي حڪومت گهڻو وقت نه ڪڍي سگهندي ۽ سخت رياستي بحران جي نتيجي ۾ عوام ٿوري وقت کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر روڊن تي اچي ويندو.

هاڻ جنهن وقت ملڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ پنهنجي عروج تي پهتل آهي ۽ عمران خان هر آئي ڏينهن وڌيڪ واضح انداز ۾ اسٽيبلشمينٽ کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو آهي، اهڙي وقت ۾ حڪومت جو عمران خان سان وڌيڪ ڳالهيون نه ڪرڻ ۽ هر صورت ۾ آئين مطابق پنهنجو حڪومتي مدو پورو ڪرڻ تي زور ڏيڻ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته حڪومت به اسٽيبلشمينٽ جي ڪري وقت کان اڳ حڪومت ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي. ان جو هڪڙو مکيه سبب ته ويجهڙ وارن ڏينهن ۾ حڪومت ايترا ته عوام دشمن فيصلا ۽ عمل ڪيا آهن جو اها سڀاڻي ڳالهين جي نتيجي ۾ حڪومت ڇڏي چونڊن ۾ وڃي ٿي ته ان وٽ پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ جي لاءِ ڪي به وڏا ۽ اهم سبب نه هوندا. تنهن ڪري اتحادي حڪومت ان ۾ به خاص طور تي نواز ليگ پوري ڪوشش ڪندي ته اها ڪنهن به صورت ۾ ٻه قدم پوئتي نه هٽي ۽ جيڪڏهن حڪومت کي صفا مجبور به ڪيو وڃي تڏهن به حڪومت هٿيار ڦٽا نه ڪري ۽ جيڪڏهن ڪنهن سبب اتحادي حڪومت کي گهر موڪلڻ تي مجبور ڪيو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ نواز ليگ وٽ سياسي شهيد ٿيڻ لاءِ هڪ زبردست قسم جو بيانيو ضرور موجود هجي، جنهن سان هُو پنهنجي ووٽر کي پاڻ سان ڳنڍي رکي. تنهن ڪري هاڻي هڪڙي پاسي عمران خان پنهنجي هوڏ تان لهڻ لاءِ تيار ناهي. حڪومت به ٻه قدم پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي. اسٽيبلشمينٽ ڏينهون ڏينهن بند گهٽي ۾ داخل ٿيندي پئي وڃي، جنهن جي ڪري ڪنهن به وقت سخت قسم جا فيصلا يا ڪو ناقابل يقين عمل پڻ ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ اعليٰ عدالت جي مداخلت به ٿي سگهي ٿي، پر ساڳئي وقت ياد رکڻ گهرجي ته جوڊيشري ۾ هڪڙي پاسي چيف جسٽس عمر عطا بنديال صاحب آهي ته وري ٻئي پاسي جسٽس فائز عيسيٰ قاضي ۽ جسٽس سردار طارق مسعود آهن.

[email protected]