ڀٽ شاھ  (ن پ ا) شاھ لطيف جي 279 ھين عرس مبارڪ ۾ باقي 5 ڏينھن بچيا ، برسات جي تباھڪارين سبب ڀٽائي جو ميلو سادگي سان ملھائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ، اوقاف کاتي طرفان مزار تي رنگ روغن بعد چراغان ڪري صوبائي صلاحڪار سيد احمد رضا شاھ جيلاني جي اڳواڻي ۾ مزار تي چادر چاڙھي ويندي ، جڏھن ته شاھ لطيف فائونڊيشن طرفان عالمي مشائخ ڪانفرنس به ملتوي ڪئي وئي آھي درگاھ جي قائم مقام سجادھ نشين سيد خاور حسين شاھ لطيفي جو چوڻ آھي تهبرسات سبب سنڌ ۾ تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي ان جي ڪري ميلو وڏي پئماني تي نٿا ملھائي سگھون ، باقي عقيدتمند ۽ پانڌيئڙا درگاھ تي ضرور ايندا ، اسان ھر سال جيان 13 صفر جي شام جو دير سان مزار تي چادر چاڙھي رسم ادا ڪنداسين ۽ وري 16 صفر آخري ڏينھن تي ھال ڌاڳن جي رسم به ادا ڪئي ويندي ۽ مريدن کي ديدار ڪرائي دعا گھري ويندي ، جڏھن تهٻي پاسي ميلا ڪميٽي طرفان ميلا گرائونڊ مان پاڻي نيڪال ڪرائي جھوپڙا ختم ڪرائي ميدان صاف ڪيو ويو آھي جتي ميلي جا دوڪان ۽ اسٽال لڳايا ويندا ، ان حوالي سان دوڪاندار اڳواڻ پتاشو جوڻيجو جو چوڻ آھي تهميلي جي سلسلي ۾ بازار لڳايا ويندا ۽ پانڌيئڙن کي تفريح به فراھم ڪيوويندو ، ٻي پاسي ملاکڙا گرائونڊ ۾ برسات متاثرين جون رليف ڪئمپون ھجڻ ڪري ملاکڙو سميت ڍڳن ۽ گھوڙن جا ڊوڙ جي مقابلن توڙي زرعي صنعتي ۽ جانورن جي نمائش لڳڻ جا امڪان به گھٽجي ويا آھن جتي اڪثر پلاٽن تي برساتي پاڻي بيٺل آھي ، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري عدنان راشد چيو تهڀٽائي جو عرس مبارڪ برساتن جي ڪري محدود ڪيوويو آھي ۽ ضلعي جي سڀني کاتن سان گڏجاڻي رکيل آھي زائرين لاء پيئڻ جي پاڻي سميت صفائي سٿرائي جو انتظام ڪيو ويندو ۽ درگاھ تي شاميانا لڳائي انھن جي رھائش جو بندوبست ڪيوويندو ، شھر جي مختلف محلن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو ويندو ،