ڪراچي: سنڌ جي ثقافت واري سيڪريٽري نسيم غني سهتو چيو آهي ته هن وقت ڀٽ شاهه ۾ پاڻي بيٺل آهي، هيل اڳ جيان ميلو لڳي نه سگهي، ميلي بابت حتمي فيصلو مٽياري جي ضلعي انتظاميا ڪندي، ثقافت کاتو رڳو ڀٽائي جو راڳ ۽ ادبي ڪانفرنس ڪرائيندو آهي، ڪمشنر حيدرآباد وٽ رٿيل   اڄوڪي گڏجاڻي ۾ فيصلو ٿيندو ته ميلو لڳائجي يا رڳو ڏهاڙو ملهايو ويندو؟ هن چيو ته اسان جي تجويز آهي ته ڀٽائي ادبي ڪانفرنس ڪرائي وڃي.  اها ڀٽ شاهه يا حيدرآباد ۾ ڪرائڻ بابت سوچي رهيا آهيون.