لاڙڪاڻي ۾ ڪارو ڪاري، بد امني ۽ ڌاڙيل راڄ آهي، ڪو به ڀلو ڊاڪٽر اُتي ڇو رهندو؟: سنڌ هاءِ ڪورٽ

0
371
لاڙڪاڻي ضلعي

ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ ڪارو ڪاري، بد امني ۽ ڌاڙيل راڄ آهي، ڪو به سٺو ڊاڪٽر اتي وڃي ڇو رهندو.؟

اين آءِ سي وي ڊي ۾ مبينا ڪرپشن ڪيس بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ جي صحت کاتي جو حال هي آهي جو، سموريون اسپتالون آئوٽ سورس ڪري رهيا آهن، ڇا ٻين صوبن ۾ به ائين ٿيندو آهي؟.

جسٽس صلاحالدين پنهور پڇاڻو ڪيو ته اين آءِ سي وي ڊي جا مامرا ڪڏهن ٺيڪ ٿيندا، اڃا تائين ڊائريڪٽر مقرر ڇو ناهي ڪيو ويو، توهان ڊاڪٽر باري کي اسپتال جو ڪنٽرول ڇو نٿا ڏيو؟.

ان تي بورڊ آف ميمبر گورنرز اين آءِ سي وي ڊي چيو ته جيڪڏهن ڪنٽرول ڏيڻو آهي ته پوءِ اديب رضوي کي ڏئي سگهون ٿا، جنهن تي معزز جج چيو پوءِ ته هي اڃا به ڀلي ڳالهه آهي، ڊاڪٽر اديب رضوي کي ئي ڪنٽرول ڏيو.

ان موقعي تي صحت واري سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته مقرري جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، اسان کي ٽن مهينن جو وقت ڏيو، پاليسي فيصلو ڪرڻو آهي.

عدالت چيو ته ڪهڙي ڳالهه جي پاليسي،؟ جڏهن اين آءِ سي وي ڊي جو ايڪٽ موجود آهي، جيڪڏهن سرڪاري اسپتال بهتر هجن ها ته پرائيويٽ اسپتال نه کلن ها، ننڍن شهرن ۾ نجي اسپتال جي ڀرمار آهي.

ھي به پڙھندا

اين آءِ سي وي ڊي کي اڌ قبر ۾ نه رکو: سنڌ ھاءِ ڪورٽ