لاڙڪاڻي ۾ ناري سان زبردستي نڪاح جو انڪشاف، ناري جو وارثن سان گڏجي احتجاج

0
226
لاڙڪاڻي ۾ ناري سان

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ناري سان زبردستي نڪاح ڪندڙ خلاف ناري پنهنجي وارثن سان گڏجي پريس ڪلب لاڙڪاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو .

لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي باقراڻي جي ڳوٺ حڪيم سنديلو جي رهواسڻ ناري ڪلثوم ڌيءَ شهزادو سنديلو سان زبردستي نڪاح ڪندڙ ماجد سنڌيلو خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ناري ڪلثوم ۽ سندس پيءُ شهزاد سنديلو دانهيندي چيو ته 26 آگسٽ تي ماجد پٽ امداد سنديلو زبردستي نڪاح ڪري 11 سيپٽمبر تي بغير رخصتي جي ڪپڙا وٺي ڏيڻ جي بهاني لاڙڪاڻي وٺي آيو جتي هُن ناري سان ڏاڍائي ڪري فرار ٿي ويو، هنن ڊي آءِ جي ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪندي چيو ته اسان جي حياتي کي خطرو آھي، ماجد سنديلي کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ پاڻ کي باھ ڏئي ڇڏينداسين.