سوال/سروي پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ رد: نا اهل حڪومت جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: عوام

0
133

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ في لٽر 5 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت جي ان قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن پيٽرول اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي چيو ته حڪومت وڏو ظلم ڪيو آهي، نااھل سرڪار غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، عوام اڳ ئي پريشان آهي پيٽرول قيمتن ۾ واڌ سان هر شيءِ مهانگي ٿيندي، حڪومت کي پيٽرول جي اگهن ۾ لاٿ ڪرڻ گهرجي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي  عبدالسلام جان لکيو ته پي ٽي آءِ آخري اميد هئي سا به ختم ٿي وئي، سجاد علي لکيو ته اهي سڀ مهربانيون پ پ ۽ نواز ليگ جون آهن، شرف الدين ڪيريو لکيو ته حڪومت عوام لاءِ پيٽرول بم ڪيرايو آهي ڪجهه ڏينهن پھريان ڏيڍ رپيو گهٽايو ھو جيڪا ڪسر ته ڪڍي ڇڏين عوام سان ظلم ڪيو آهي حڪومت، امداد حسين ديناري لکيو ته ھل ڙي تباهي، اي قادر عباسي لکيو ته موجوده وفاقي حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪري عوام جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آهي، غريب عوام ٻن ويلن جي ماني جي لاءِپريشان آهي، مومن محبتي لکيو ته حڪومت عوام جي دشمن آھي، آفتاب لغاري لکيو ته حڪومت رليف ڏيڻ بدران عوام کان جيئڻ جو حق کسي رهي آهي، عرفان جروار لکيو ته وفاقي حڪومت عوام کي مھانگائي بيروزگاري کانسواءِ ڏنو ڇا آھي؟ ايترو ظلم عوام سان ٿي رھيو پر پاڪستان جون عدليه به ان شي تي نوٽس نٿيون وٺن اردو جو ھڪ مثال آھي جس ڪي لاٺي اس ڪي بھينس وارو ڪم آھي، ظفر رند لکيو ته حڪومت جي ان فيصلي کي اسان رد ڪريون ٿا انهي ثابت ٿئي ٿو ته وفاقي حڪومت نااهل ٿي چڪي آھي.الطاف کوڙ لکيو ته تبديلي سرڪار عوام جي تباهيءَ ڪري ڇڏي آهي، خادم گهراڻو لکيو ته عوام اڳ ئي سورن ۾ آهي جيڪو پريشانين جي ور چڙهيل آهي وري پيٽرول ڊيزل گاسليٽ جا حڪومت اگهه وڌائي ڇڏيا، عبدالغفور سروهي لکيو ته وفاقي حڪومت جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن تي قوم لکي پي ٽي آءِ حڪومت رڳو مهانگائي تي ڪنٽرول به ڪري ها ته شايد ماڻهن ۾ ايڏو غصو نه هجي ها.علي عباس جمالي لکيو ته حڪومت جي اھڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي عوام اهڙي فيصلي کي رد ڪري ٿو. مشتاق ڪنڀر لکيو ته ھن وفاقي سرڪار عوام کي واھه جو سڃاتو آھي نااھل سرڪار غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي،  حاڪم ڪٽوهر لکيو ته وفاقي حڪومت مهانگائي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، مبين اڄڻ لکيو ته هن حڪومت عوام کي مايوس ڪيو آهي، آسنداس لڇواڻي لکيو ته وفاقي سرڪار جي عوام دشمن فيصلن تي ڇا لکجي وزير اعظم جيڪو بيان ڏيندو هو انهي مان هڪ به سچو ڪيو هجي ته ٻڌايو وفاقي سرڪار مهانگائي ڪرڻ جا مختلف طريقا اختيار ڪري غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، پيٽرول سستو 1 رپيو ڪن ٿا ۽ مهانگو 5 رپيا ڪن ٿا، فقير علي لکيو ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان هر شيءِ مهانگي ٿيندي، حڪومت پنهنجي غلط فيصلي کي واپس وٺي، خاموش خليل شر لکيو ته حڪومت جو اهو قدم انتهائي هاڃيڪار آھي، غريب اڳ ئي گهاڻي ۾ پيڙهجن پيا، ويتر پيٽرول مهانگو ڪيو ويو آهي ان سان مهانگائي جو طوفان ايندو، هر شيءِ جا اگهه وڌي ويندا، محمد خالد ميمڻ لکيو ته اهو قدم عوام دشمن قدم آھي پهريان ئي مهانگائي جي ڪري عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھي، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته اهيو وفاق جي بلڪل غلط فيصلو آهي مهانگائي ڪنٽرول تي نٿي اچي مٿان وفاق سرڪار جئين جو تئين ريٽ پئي وڌائيندي وڃي آخر هنن نااهلن مان اسان جي جان ڪڏهن ڇٽندي؟، احمد رند، امير حسن سمون، علي جان مهر ۽ لياقت لغاري به سروي ۾ حصو ورتو، نماڻو نوناري لکيو ته عوام سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، ساگر علي رضا لکيو ته حڪومت هر روز پيٽرول، ڊيزل ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرائي ٿي. عبدالقدير جوڻيجو لکيو ته عام ماڻهو اڳ ۾ ئي تمام گهڻي پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي، مٿان وري پيٽرول جي اگهن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، طارق باجڪاڻي لکيو ته حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ڪامريڊ لڪش والماڻي لکيو ته حڪومت غريب عوام کي مهانگائي سان ماري پئي، رضا راهپوٽو لکيو ته ظلم ڪيو ويو آهي، نور محمد ڪنڀر لکيو ته مهانگائي جي ڪري غريب ماڻهو تمام گهڻو پريشان آهي، احمد بلوچ لکيو ته وٺو مزو تبديلي جو، پرتاب راءِ سيبرا لکيو ته پيٽرول جي قيمت وڌائي عوام کي پنڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي، محمد حسن بلوچ لکيو ته پيٽرول جي قيمت گهٽائي وڃي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته اهو قدم عوام دشمن آهي، شفقت جروار، اين اي بلوچ، ارشاد علي لاکو، بجار خان جعفري، بشير ميراڻي، مظهر عباسي، حبيب الله عمراڻي، محمد ايوب چانڊيو، آفتاب ڪيريو، شاهد شر، غلام رسول راهمون، طاهر مري، مبين لغاري، جنيد جبار دائودپوٽو، اياز علي لاشاري، مظفر شبير بوزدار، دائود لغاري، عادل الاهي بخش، شوڪت بلوچ به پيٽرول اگهن ۾ واڌ واري حڪومتي قدم کي رد ڪيو.