لاڙڪاڻي ۾ حادثو، موٽر سائيڪل سوار 2 نوجوان چيڀاٽجي فوت

0
191
ڪنڌڪوٽ ۾ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 6  زخمي
ڪنڌڪوٽ ۾ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 6  زخمي

لاڙڪاڻو ڀرسان تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪر ۾ 2 موٽر سائيڪل سوار چيڀاٽجي فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي

پوليس موجب حادثو تيز رفتاري جو نتيجو آهي، فوتين ۾ جميل بروهي ۽ منصب ڪلهوڙو شامل آهن، جڏهن ته زخمي شيراز بروهي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل سوار دوست سوئمنگ پول تي وهنجڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته حادثوو پيش آيو، حادثي بعد ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته فوتين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي