لاڙڪاڻو (رپورٽ نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان ڪنگا ٿاڻي جي حد پرائمري اسڪول پراڻو لونگائي ۾ورهين کان ذهني مريض قربان ڪلهوڙو کي وارثن علاج ڪرائڻ بجاءِ پيرن ۾ زنجير ٻڌي بند ڪري  ڇڏيو آهي، جنهن ڪري سندس حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. وڌيڪ ڄاڻ ملي آهي ته ذهني مريض ڪپڙن کان آجو ٿي اسڪول ۾ زنجيرن سان اڪيلي سر قيد گهاري رهيو آهي. ٻئي پاسي ٻڌايو پيو وڃي ته اسڪول جي عمارت 30 سال کان بااثر جي قبضي هيٺ آهي، عمارت ٺهڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن به تدريسي عمل شروع ٿي ناهي سگهيو.عمارت زبون حالي جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ ڀتيون به ڪرڻ لڳيون اهڙي صورتحال ۾ تعليم کاتي جي آفيسرن اسڪول اچڻ جي زحمت به نه ڪئي. لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسڪول ۾ ذهني مريض کي زنجيرن سان ٻڌڻ واري عمل سنڌ حڪومت جي تعليم جي بهتري لاءِ کنيل قدمن واريون دعوائون ڌوڙ ڪري ڇڏيون آهن. ان کان اڳ سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾  جانور رکڻ جون خبرون اينديون هيون هاڻي سرڪاري اسڪولن ۾ انسانن کي قيد ڪرڻ جا منظر ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن.ٻئي طرف ڊي اي او تعليم گلشير سومرو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجي تازي مقرري ٿي آھي جيئن مونکي اهڙي ڄاڻ ملي آھي ته ان اسڪول کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي فرنيچر مهيا ڪرڻ سان گڏ استادن جي مقرري پڻ ڪئي وئي آھي.