اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ بدلياتي ادارن جي بحالي  نه ٿيڻ واري مامري تي چيف سيڪريٽري پنجاب مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيف سيڪريٽري کان هڪ هفتي ۾ تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، چيف جسٽس گلزار احمد چيف سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جيڪڏهن عدالتي حڪم تي عملدرآمد نه ڪندا ته سڄي  زندگي جيل ۾ گذريندا، ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت ۾ پنجاب جو چيف سيڪريٽري پيش ٿيو، جنهن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان عدالتي حڪم تي عملدرآمد نه ڪيوآهي، ڇو نه اوهان کي جيل اماڻيون جتي اوهان سڄي  زندگي گذاريو، 7 مهينا گذري ويا پر عدالتي حڪم تي عمل  ناهي ٿيو، اوهان عدالت ۾ ائين آهيو ڄڻ ڪنهن لنچ يا ڊنر تي آيا هجو، اوهان کي  يا اوهان جي پارٽي کي عدالت جو فيصلو پسند ناهي پوءِ به اوهان کي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، اوهان ته يونين ڪائونسل جا سيڪريٽري به نه ٿا لڳو اوهان کي چيف سيڪريٽري ڪنهن لڳايو آهي، جيڪا رپورٽ جمع ڪرائي آهي ان جو جائزو هڪ هفتي اندر وٺنداسين ۽ اهو ڏسنداسين ته چيف سيڪريٽري باقي زندگي نوڪري ڪندي گذاريندو يا جيل ۾، بعد ۾ عدالت ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.