ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، پاڻ گهران نڪري پيار جو پرڻو ڪيو آهي: ڊاڪٽر سنبل لغاري

0
587
ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو

نصيرآباد(ن پ ا) ھالا جي رھواسڻ نوجوان ناري ڊاڪٽر سنبل لغاري نصيرآباد پريس ڪلب پهچي وئي، جتي هن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مون کي ڪنھن به اغوا ناھي ڪيو

ڊاڪٽر سنبل لغاري چيو ته مان پنھنجي گھران نڪري ڄام شورو جي رھواسي عامر لاشاري سان ھاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آھي، منھنجي والد ھٽڙي ٿاڻي تي منھنجي مڙس عامر لاشاري ۽ طالب چانڊيو مٿان مون کي اغوا ڪري وڃڻ جو ڪيس داخل ڪرايو جيڪو ڪوڙو آھي

هن چيو آهي ته مان پنھنجي مڙس سان خوش آھيان، جيڪڏھن مون کي يا منھنجي جي خاندان کي ڪو به نقصان پھتو ته ان جو ذميوار منھنجا والدين ھوندا

ھي به پڙھندا

گهوٽڪي ڀرسان پريمي جوڙي تي مبينا حملو، عدالت پهچي جان بچائي