لاڙڪاڻي ڀرسان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

0
263

لاڙڪاڻو (رپورٽر) آريجا ڦيڙھو ۾ اختيار علي شيخ جو گھر اندران مبينا تشدد ٿيل لاش مليو، اطلاع تي پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال پهچايو، مقتول جي وارثن چيو ته شر برادري سان سندن جهيڙو هلندڙ هو، نوجوان اختيار گهر ۾ اڪيلو هو، جوابدارن تشدد ڪري کيس قتل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.