لاڙڪاڻي ڀرسان روڊ حادثي ۾ نوجوان فوت، عورت زخمي

0
174
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار

لاڙڪاڻو (ن پ ا) خيرپور پل وٽ موٽر سائيڪل جو ٽائر برسٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪچي جي ڳوٺ ڪلب علي جتوئي جو رهواسي هڪ ٻار جو پيءُ امان الله جتوئي سندس سان گڏ سوئٽ ڌياڻي خاتون زال حبدار جتوئي سخت زخمي ٿي پيا جنهن کي علائقي واسين زخمي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران هڪ زخمي امان الله جتوئي جي فوت ٿيڻ تصديق ڪئي آهي ۽ زخمي عورت جو علاج جاري آهي. ان موقعي تي زخمي جي وارثن ٻڌايو ته ڳوٺ کان لاڙڪاڻي دوا لاءِ اچي رهيا هئا ته رستي ۾ روڊ حادثي پيش آيو آهي جنهن ۾ اسان جو نوجوان امان الله جتوئي فوت ٿي ويو آهي ۽ سندس سان گڏ سوئٽ زخمي ٿي پئي آهي.