لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي جوڙيل سٽيزن ڪاميٽي جي سربراهه  سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ محمد سليم اعواڻ، مختيار ڪار لاڙڪاڻو ۽ ٻين سان گڏجي ٽيڪنيڪل ڪاليج، قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪئمپس، گرلز ڊگري ڪاليج جو دورو ڪيو جتي متاثرن طرفان راشن، ٽينٽ، کاڌ خوراڪ، طبي ۽ ٻيون سهولتون نه ملڻ جون دانهون ڪرڻ سان گڏ متاثرن سٽيزن ڪاميٽي جي سربراهه کي صفائي سٿرائي ۽ باٿ رومن جي خراب صورتحال بابت شڪايتون ڪيون. هوڏانهن سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ پي ٽي ايس ۾ قائم امدادي سامان واري گدام جو دورو ڪيو، جتي لاڳاپيل عملدارن کيس امدادي سامان جي انگ اکرن بابت آگاهي ڏني.سول جج خانگي شادي هال جو دورو ڪري اتي متاثرن لاءِ تيار ٿيندڙ کاڌ خوراڪ جو معائنو ڪري ڄاڻ ورتي.