جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ دڪاندار برڪت ڀٽي سول لائن ٿاڻي آڏو احتجاج ڪندي صحافين آڏو الزام لڳايو ته سول لائن ٿاڻي جا اهلڪار ظفر ڪٽو، ممتاز ڪٽو 30 رپين جو ڏهي وٺي ويا. هنن چيو ته اهلڪارن گهر تي چڙهائي ڪري سرڪاري هٿيار سان فائرنگ ڪئي ته ڏھي خراب ڇو ڏني اٿئو، فائرنگ سبب ٻارن ۽ عورتن ۾ ڪيهاٽ پئجي وئي حد جي ايس ايڇ او کي اطلاع ڪري شڪايت ڪئي پر ان باوجود اهلڪارن خلاف ڪارروائي ناهي ٿي.