کورواھ (ن پ ا) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽر تي عورتن پاران رقم مان ڪٽوتي جي شڪايت تي کورواهه پوليس  سينٽر تي ڇاپو هڻي پئسن مان  ڪٽوتي الزام هيٺ 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته گرفتاري نياز مغل ۽ رشيد مغل تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو. ٻي پاسي گرفتار ٿيل ڊوائز هولڊر نياز مغل ٻڌايو ته اسان ڪافي عرصي کان هتي ڪم ڪريون پيا، اسان ڪابه ڪٽوتي نه ڪئي آهي.