ڪڙيو گهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور ۽ دبي  لڳ ڳوٺ حاجي چاڪر مهيري، حافظ يونس سمون، خليفو سومار نونداڻي، سکيو مهيري، پيراڻو سمون، کٿڙ، وڪيو ملاح  سميت 60 ڳوٺن جي بجلي بند آهي، ان حوالي سان ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف سوشل ميڊيا تي آواز اٿارڻ تي حيسڪو عملدارن بجلي ڪاٽي ڇڏي آهي،  بجلي بندش سبب سخت پريشان آهيون، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.