لاڙڪاڻي جي شهيد صحافي منير سانگي کي 15 ورسي تي ڀيٽا پيش

0
502

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي جي شهيد فوٽوگرافر صحافي منير سانگي جي 15 هين ورسي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ورسي جي موقعي تي شهيد جي گهر ڀاتين طرفان گهر ۾ قرآن خواني ڪري لنگر ورهايو ويو. شهيد منير سانگي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صحافين، ڪئمرامين ۽ فوٽوگرافرن نديم سومرو، سعيد ميمڻ، منور ڀٽو، نصير کهاوڙ، مومن ڪنگو، غفار مگسي، شاھ محمد لاشاري ۽ ٻين دودائي قبرستان ۾ شهيد منير سانگي جي مزار تي حاضري ڀري گل نڇاور ڪيا ۽ فاتح خواني ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته شهيد منير سانگي 29 مئي 2006ع تي بقاپور واري علائقي ۾ انڙ – ابڙا تڪرار تان هلندڙ فائرنگ ۾ پنهنجا صحافتي فرض سرانجام ڏيندي شهادت ماڻي. هوڏانهن لاڙڪاڻو يونين آف جرنلسٽس ڊويزن پاران لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ شهيد منير سانگي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صحافين فوٽوگرافرن ۽ ڪئميرامينن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جن شهيد منير سانگي جي تصويرن اڳيان گل رکي ميڻ بتيون ٻاري کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي.