حيدرآباد ۽ ڀرپاسي مختلف واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت

0
361

حيدرآباد: شهر ۽ ڀرپاسي مختلف واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، ھوسڙي جي علائقي بھار ڪالوني ۾ مبينا طور بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو، فوتي جي سڃاڻپ 32 سالن جي عمران علي پٽ قربان انصاري طور ٿي آهي.پوليس
موجب نوجوان کي گهر ۾ پاڻي جي مشين هلائڻ دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳو هو، ٻئي پاسي ڪوٽڙي پل وٽ اڻڄاتل نوجوان موٽرسائيڪل پل وٽ بيهاري سنڌو درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، نوجوان جو لاش اڃان تائين هٿ ناهي آيو.