ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم هڪ ئي وقت ٻه عهدا نٿو رکي سگهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل جي اختيارن کي چيلنج ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران درخواست گذار ٻڌايو ته ايس آءِ ايف سي جو سربراهه وزيراعظم کي مقرر ڪيو ويو آهي، وزيراعظم هڪ ئي وقت ۾ ٻه اهم عهدا نٿو رکي سگهي، وزيراعظم ڪابينا جي منظوري بنا ڪو به فيصلو نه ٿو ڪري سگهي، انهي باوجود ايس آءِ ايف سي ۾ فيصلا ڪيا پيا وڃن، بورڊ آف انويسٽمينٽ جو ڪم پاليسي ڏيڻ آهي پر هو انهي پاليسي تي عمل به ڪري رهيو آهي، جيڪو آئين جي خلاف آهي، ان موقعي تي ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کان جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي، عدالت 29 مئي تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.