ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل خلاف داخل پٽيشن جي ٻڌڻي دوران درخواست گذار مولوي اقبال حيدر ٻڌايو ته سني اتحاد ڪائونسل پارلياماني پارٽي ناهي، آئين موجب آزاد اميدوار صرف پارلياماني پارٽي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، آئين جو آرٽيڪل 63 اي پارليامينٽ کي ڪنٽرول ڪندو آهي، پارليامينٽ جي آزاد ميمبرن تي شق 63 اي لاڳو نه ٿيندي آهي، آئين مطابق آزاد اميدوارن کي پارلياماني پارٽي جو حصو بڻائڻ جو حڪم آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اهڙي درخواست ته اڳ ۾ به ٻڌڻي هيٺ آهي، توهانجي درخواست اليڪشن ڪميشن کي موڪليون ٿا، توهان اتي ھليا وڃو، درخواست گذار چيو ته اهو معاملو هاڻي اليڪشن ڪميشن جي دائري اختيار ۾ نه ٿو اچي، عدالت چيو ته ٺيڪ آهي، ايندڙ ٻڌڻي تي اچي عدالت کي مطمئن ڪريو ته توهان جي درخواست ٻڌڻ جوڳي آهي يا نه؟ عدالت ٻڌڻي 18 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.