لاڙڪاڻو: گهر اندر ڌاڙي وارو مامرو ڪوڙو نڪتو، گرفتار جوابدار ۽ عورت وچ ۾ لاڳا هجڻ جو انڪشاف

0
534

لاڙڪاڻو (ن پ ا) لاڙڪاڻي ۾ دڙي ٿاڻي جي حد ۾ شهري لياقت کوکر جي گهر اندر ڌاڙي وارو مامرو ڪوڙو نڪتو، الزام هيٺ آيل جوابدار ۽ عورت جو پاڻ ۾ لاڳاپا هئڻ جو انڪشاف ٿيڻ تي پوليس سي ڊي آر ڪڍرائڻ جو چئي ڇڏيو، ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي دڙي ٿاڻي تي پهچي ٻنهي ڌرين جا جا بيان ٻڌا، جنهن بعد هن چيو ته ڌاڙي جو مسئلو نه آهي، ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته لڄالٽ جو الزام لڳائيندڙ ڌر جي ڇوڪري کان به بيان ورتو آهي، ڇوڪري چئي ٿي ته ماجد ابڙو سان هن جو تعلق رهيو آهي، وڌيڪ سي ڊر آر ڪڍرايون پيا، ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته گهر ۾ ڌاڙو ناهي لڳو، جيڪي بيان سامهون آيا آهن ان موجب مسئلو جلد حل ٿي ويندو.