خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳاڙهي پل ڀرسان ميرواهه ڪينال ۾ ڪپڙا ڌوئيندي 12 ورهين جي نينگري سوناري ڌيءَ ڀڳوان داس ٻڏي وئي، جنهن ڳولا باوجود لاش هٿ نه آيو، ٻي طرف باگڙي برادري جي ماڻهن پاران ڳاڙهي پل وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري دانهيندي چيو ته انتظاميا نينگري جي ڳولا ۾ ڪابه مدد ناهي ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته نينگري جي لاش جي ڳولها ۾ جي مدد ڪئي وڃي.