لاڙڪاڻو/ باڊهه (نمائندن وٽان ) لاڙڪاڻو پوليس پاران 2 مبينا مقابلن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم سميت ٻين وارداتن ۾ ملوث 2 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ دڙي پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي. پوليس ترجمان موجب جوابدار بابر ولد ممتاز تونيو اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ ملوث آهي، ان مٿان الهه آباد، سول لائين، وليد، مارڪيٽ، سچل ۽ دڙي ٿاڻن تي 8 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن جنهن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن مبينا مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري ڏوهاري کي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو جتي سندس علاج هلندڙ آهي. هوڏانهن حيدري پوليس مبينا مقابلي ۾ ديدار ولد غلام سرور سولنگي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، پوليس موجب جوابدار اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ ملوث آهي، ان مٿان الهه آباد، سول لائين، وليد، مارڪيٽ، سچل، دڙي ۽ حيدري ٿاڻن تي 7 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن جنهن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن مبينا مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري ڏوهاري کي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو جتي سندس علاج هلندڙ آهي. ٻئي طرف پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي پوليس فهيم ولد مينهل ڪلهوڙو کي مبينا مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. پوليس موجب جوابدار ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهي، ان مٿان سول لائين، وليد، الهه آباد، مارڪيٽ، سچل، دڙي ۽ عاقل ٿاڻن ٿاڻن تي 8 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن جنهن کان وڌيڪ جاچ هلندڙ آهي.ٻئي طرف باڊھه پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ ھڪ جوابدار غلام شبير ولد عبدالحڪيم چانڊيو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب ڏوھه جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين سان مقابلو ٿيو، غلام شبير چانڊيو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آھي جنھن وٽان ھڪ پسٽل ۽ گوليون به پڻ ھٿ ڪيون آھن جڏھن ته سندس ٽي ساٿي فرار ٿي ويا، ٻئي طرف زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار رتوديرو تعلقي جو رھواسي ٻڌايو پيو وڃي زخمي جوابدار کي لاڙڪاڻو اسپتال ڏانھن منتقل ڪيو ويو.