ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان تشدد ٿيل 3 لاش هٿ : ڪورنگي ۾ پوليس مقابلو، 2 ڦورو مارڻ جي دعويٰ: هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار، جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار پڻ زخمي، ان ڏس ۾ ڪورنگي ۾ انڊسٽريل ايريا ۾ ڦورو شهرين کان ڦر ڪري رهيا هئا ته گشت تي موجود پوليس پهچي وئي، جوابدارن پوليس کي ڏسي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي، پوليس جي فائرنگ ۾ 2 ڦورو نويد ۽ مقصود موقعي تي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ڦورو دلاور کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، ڦورن جي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار اياز زخمي ٿي پيو، ٻئي طرف ڪورنگي انڊسٽريل ايريا پوليس 2 ڏوهاري عتيق خان عرف سني ۽ نذير احمد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي هوڏانهن ڪراچي جي مختلف علائقن مان تشدد ٿيل 3 لاش ھٿ آيا، پوليس موجب شاھ فيصل ڪالوني ۾ داتا ھوٽل ويجھو تشدد ٿيل 55 سالن جي شهري جو لاش مليو آھي، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي،  جڏهن ته لانڍي ھڪ نمبر هاءِ اسڪول ويجھو به35 سالن جي شڪيل احمد ولد نذير احمد جو تشدد ٿيل لاش مليو،هوڏانهن بلديه جي اتحاد ٽائون ۾ بند پيل دڪان مان ڪجھ ڏينھن اڳ قتل ٿيل پيرسن جو لاش ھٿ آيو