ٺٽو (رپورٽر) مڪلي ۾ قتل ٿي ويل پوليس اهلڪار جي والد جي فرياد تي اڻڄاتل جوابدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل، گذريل ڏهاڙي مڪلي ٿاڻي جي حد ۾ جيلاني هائوس تي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪار امجد گندرو جي قتل واقعي جو ڪيس   مقتول پوليس اهلڪار جي والد ربڏنو گندرو جي فرياد تي مڪلي ٿاڻي تي اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، داخل ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪندي ڄاڻايو آهي ته سندس پٽ پوليس اهلڪار امجد گندرو کي ڊيوٽي دوران اڻڄاتل جوابدار يرغمال بڻائي اڳتي کڻي سندس ئي سرڪاري رائيفل سان گوليون هڻي قتل ڪري شهيد ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان  ايس ايچ او حاڪم کوسو چيو  ته مڪلي ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿي ويل پوليس اهلڪار امجد گندرو جي والد جي فرياد تي قتل جي ايف آءِ آر ڪٽي وئي آهي، هن چيو ته   وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.