ڪوٽڙي (رپورٽر) سرڪاري فائربرگيڊ ذريعي پئسن تي پاڻي وڪرو ڪرڻ خلاف شهري پاران ميونسپل ڪاميٽي ڪوٽڙي خلاف اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ درخواست ڏني وئي آهي، شهري پاران ثبوت طور عدالٿ ۾ اهڙيون وڊيوز پيش ڪيون ويون، جنهن ۾ سرڪاري فائربرگيڊ ذريعي پيٽرول پمپ ۽ ذاتي گهرن ۾ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. اينٽي ڪرپشن اسپيشل ڪورٽ حيدرآباد پاران ايڊمنسٽريٽر، سي ايم او ۽ اڪائونٽنٽ کي  7 جنوري تي جواب داخل ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو. درخواست ۾ شهري منصور جوڻيجي موقف اختيار ڪيو آهي ته واٽر سپلاءِ جو پاڻي بند ڪري فائربرگيڊ ذريعي پاڻي پئسن تي وڪرو ڪيو پيو وڃي 300 رپين تائين في ٽينڪر ۽ فائربرگيڊ جي گاڏي ذريعي پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي. وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪوٽڙي ميونسپل جي فائربرگيڊ گاڏي پيٽرولپمپ ۽ گهرن ۾ پاڻي سپلاءِ ڪري رهي آهي.