لاڙڪاڻو: ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر اڌڙوٽ شخص مليريا ۽ بک وگهي فوت

0
303
لاڙڪاڻو: ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ قائم ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل  شهدادڪوٽ واسي ٻوڏ متاثر اڌڙوٽ  شخص مليريا ۽ بک وگهي فوت ٿي ويو

جاگير واسي سعد الله چانڊيو  5ڏينهن کان کاڌو نه ملڻ ۽ بک  وگهي فوت ٿي ويو آھي

فوتي اڌڙوٽ شخص جي وارثن موجب ٽينٽ سٽي ۾ سھولتون نھ ملڻ ۽ بک وگھي سعد الله چانڊيو  فوت ٿي ويو آھي

جاگير واسي سعد الله چانڊيو  جي فوت ٿيڻ بعد ٽينٽ سٽي ۾ روڄ راڙو مچي ويو، ٻوڏ متاثرن پاران انتظاميا کي واھر جي اپيل ڪئي وئي آھي

ٻئي پاسي لاڙڪاڻي جي ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل ميهڙ واسي ٻوڏ متاثرن پاران  واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

متاثرن موجب ڳوٺن ۾ 12 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، انتظاميه زبردستي ٽينٽ سٽي خالي ڪرائي ڇڏي آهي

هن وقت تائين راشن، تنبو سميت ڪا  به شئي ناهي ملي، سخت تڪليفن ۾ مبتلا آهيون

ھي به پڙھندا

ڀوتار چارآنا کائي ٻارنهن آنا لڳائين،اهي رپيو کائي ويٺا آهن: سليم مزاري

سنڌ ۾ وبائي بيماريون: وڌيڪ 12 ڄڻا فوت