ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) اڳوڻي صوبائي وزير ۽  اڳوڻي ضلعي ناظم پ پ اڳواڻ سليم جان مزاري پاران  يو آءِ اڳواڻ حافظ ربنواز چاچڙ جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان هر طرح سان ڪوشش ڪئي آهي ته پنهنجي پاڻ کي عوام جي آڏو پيش ڪريون، ٻوڏ جي تباهڪارين تي دلي افسوس آهي

 سليم جان مزاري وڌيڪ چيو ته اسان جي حڪومت صوبائي هجي يا وفاقي ان کان مطالبو آهي ته متاثرن جي هنگامي بنيادن ت مدد ڪئي وڃي

 هن چيو ته بي آءِ ايس پي جا پئسا  ڪنڌڪوٽ،تنگواڻي،ڪشمور ۾ بلاڪ هئا اهي بلاڪ ٿيل پئسا احسان الرحمان مزاري ڪوششون ڪري کولرائي ڇڏيا آهن

هن چيو ته ڪنڌڪوٽ واسين برساتي ٻوڏ ۾ بدترين ڏينهن گذاريا، انهن سان همدردي آهي،  سليم جان مزاري چيو ته ڪشمور مان اچي ڪنڌڪوٽ ۾ چيئرميني ڪيان ته مان ڪشمور جو آهيان

ڪنڌڪوٽ شهر واسين ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو شهر واسين کي چيئرميني نه ٿي ملي، ڇا هِن شهر ۾ ڪي به قابل ماڻهو ناهن، اهڙي ڳالهه ڪيون ٿا ته اسان کي چيو وڃي ٿو ته مزاري روجهاڻ مان آيو آهي، اسان کي روجهاڻ موڪليو ويندو، مان انهن ڀوتارن کي چوان ٿو ته جيڪي هندستان کان آيل آهن، پهريان انهن کي ته ڪڍو پوءِ اسان جو وارو آهي

 جيڪي دوست هن ضلعي ۾ سياست ڪن ٿا، انهن کي اها خبر آهي ته هو ڪٿان کان آيل آهن؟ او ڀوتارو اوهان به هتان جا ناهيو، هتان جا صرف ديوان آهن

سڀ ڌاريا آهن، الزام صرف اسان تي لڳايو وڃي ٿو، ڪنهن کي   ڪڍي سگهي ٿو ته اهو عوام  آهي،  اسان عوام جا شڪر گذار آهيون جنهن اسان کي نمائندگي ڏني آهي، انهن جي بدولت ئي اسان آهيون

هن چيو ته جنهن هميشه ڪنڌڪوٽ ميونسپل ۾ حاڪميت ڪئي آهي انهن ڇا ڪيو؟ هن چيو ته اسان ته اوهان کي شهر ٺاهي ڏئي وياسين اسان جي وقت ڊرينيج جو سسٽم صحيح هو، روڊ رستا صحيح هئا

سليم جان مزاري چيو ته عوام کي پنهنجي قسمت جو فيصلو هاڻ پاڻ  ڪرڻو آهي، جنهن سان ڳالهايون ٿا ته اهي چون ٿا ته پئسن تي ووٽ خريد ڪن ٿا، هن 5 هزار جي ووٽ جي وڪري جي ڪري ئي ته ڪنڌڪوٽ تباهه ٿي ٿيو آهي