لاڙڪاڻو: نئون ديرو واسي پورهيت ٽريڪٽر تان ڪري فوت

0
195
مورو ويجھو روڊ

لاڙڪاڻو(ن پ ا) نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ ڀوت خروس جو رهواسي پيرسن هزار خان خروس ٽريڪٽر تان ڪرڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارث کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران زخمي پيرسن جي فوت ٿيڻ تصديق ڪئي آهي، ان موقعي تي فوتي جي سوئٽ ٺارو خروس ٻڌايو ته زمين تان واپس ٽريڪٽر تي اچي رهيو هو ته رستي ۾ ٽريڪٽر تان ڪرڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي کڻائي اسپتال پهچايوسين پر فوت ٿي ويو.