ڪڪڙ ۽ ضروري شين جا اگهه ڪنٽرول ڪيا وڃن: چيف سيڪريٽري سنڌ

0
231

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاه جي صدارت ھيٺ اھم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڪروناوائرس ويڪسينشن، ايس او پيز عملدرآمد ۽ قيمتن تي ڪنٽرول بابت ڳالهه ٻولهه ٿي، اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته صوبي ۾ 258 ڪروناوائرس ويڪسين سينٽر قائم ڪيا ويا آھن، ھن وقت تائين 11 لک 6 هزار 384 ويڪسين لڳائي وئي آهي، ان دوران چيف سيڪريٽري ڊپٽي ڪمشنرن کي ويڪسين جي تعداد وڌائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ورڪرن کي ويڪسين نه ڪرائيندڙ صنعتي ادارا بند ڪيا ويندا، صنعتڪار پھنجي ورڪرن کي ويڪسين ڪرائن، جڏهن ته چيف سيڪريٽري سنڌ پاران ڊويزن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي ايس او پيز تي ھر صورت عملدرآمد ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي، گھرو کاتي پاران جاري ڪيل حڪم نامي تي سختي سان عمل درآمد ڪرائڻ جي به ھدايت ڪئي، قيمتن تي ڪنٽرول بابت چيف سيڪريٽري سنڌ پاران ڪمشنر ڪراچي ۽ ڪمشنر حيدرآباد کي ڪڪڙ ۽ ضروري شين جا اگهه ڪنٽرول ڪرڻ جي ھدايت ڪئي، سيد ممتاز علي شاهه چيو ته حڪومت پاران مقرر ڪيل اگھن کي موثر انداز ۾ نافذ ڪيو وڃي، منافعي خورن ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.