لاڙڪاڻو: رائيس ڪئنال ۾ وهنجندي 2 نينگر ٻڏي فوت

0
224

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو ڀرسان رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران 2 نينگر ٻڏي فوت، 10 سالن جو ظهير لغاري ۽ 12 ورهين جو گلشن لغاري ڪئنال ۾ وهنجي رهيا هئا ته اونهي پاڻي ۾ وڃڻ سبب ٻڏي ويا، علائقي واسين گڏيل ڪوشش سان نينگرن جا لاش ڪڍي ورتا، اسپتال ۾ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي، علائقي واسين چوڻ آهي ته ڀينس ڪالوني واسي ٻئي نينگر پاڻ ۾ سئوٽ هئا، هڪ ئي وقت ٻن نينگرن جا لاش پهچڻ تي گهرن ۾ ڪهرام برپا ٿي ويو.